حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) واپڊا سنڌو درياهه تي سنڌ بئراج جي اڏاوت لاءِ فزيبلٽي رپورٽ ٺاهڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، فزيبلٽي رپورٽ ايندڙ مهيني مڪمل ڪئي ويندي.  ان حوالي سان سنڌ جي آبپاشي انجنيئرن جا اعتراض ٻڌڻ لاءِ واپڊا جي انجنيئرن جي ٽيم حيدرآباد پهچي ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر جي آفيس ۾ ساڻن گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي ۾ واپڊا جو ڊائريڪٽر ايڪسپرٽ نعيم عارف، چيف انجنيئر واپڊا واٽر ونگ برڪت علي ۽ ڊائريڪٽر (سول) اعجاز احمد ڀٽي شامل هئا. سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران ڪوٽڙي بئراج جو چيف انجنيئر حاجي خان جمالي، مئينجنگ ڊائريڪٽر سيڊا پريتم داس ۽ چيف انجنيئر سمال ڊيمز شفقت حسين وڌو گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. ذريعن موجب گڏجاڻي ۾ سنڌ جي آبپاشي انجنيئرن موقف اختيار ڪيو ته سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ روزانو تي لاٿ ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ 20 سالن ۾ ٻوڏ جي ڏينهن کانسواءِ پاڻي دستياب نه هوندو. بنا پاڻي جي بئراج ٺاهڻ فضول آهي. سنڌ بئراج کي سمنڊ جي پاوت کي روڪڻ جو بئراج قرار ڏنو پيو وڃي. هنن چيو ته جيڪا انسپيشن رپورٽ جوڙي وئي تنهن ۾ سمنڊ جي پاوت کي روڪڻ لاءِ ڪو به منصوبو شامل نه ڪيو ويو. واپڊا سمنڊ جي پاوت کي روڪڻ لاءِ ڪو منصوبو جوڙڻ چاهي ٿي ته 250 ڪلوميٽرن تي مشتمل ڪوسٽل ايراضي کي بند ٻڌو وڃي ته جيئن سمنڊ اڳتي وڌي زمينون نه کائي. چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج حاجي خان جمالي واپڊا انجنيئرن تي واضح ڪيو ته جيڪا انسپيشن رپورٽ جوڙي وئي اها پاڻي جي غلط انگن اکرن تي جڙيل آهي. 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۾ به سنڌ بئراج لاءِ پاڻي مختص ٿيل نه آهي ته پوءِ سنڌ بئراج لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ايم ڊي سيڊا پريتم داس ۽ چيف انجنيئر سمال ڊيمز برڪت حسين وڌو موقف اختيار ڪيو ته انسپيشن رپورٽ ۾ ڪوٽڙي بئراج ۽ سنڌ بئراج جي وچ ۾ 2 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، ان سان ڄاڻايل بئراجن جي وچ ۾ سنڌ جي ڪچي وارو علائقو تباهه ٿي ويندو. زمينون سم ۽ ڪلر جي ورچڙهي وينديون، سنڌ جا انجنيئر ڪنهن به صورت ان ذخيري جي حق ۾ نه آهن. ذريعن موجب سنڌ جي آبپاشي واضح ڪيو ته جيڪڏهن سندن اعتراض فزيبلٽي رپورٽ ۾ شامل نه ڪيا ويا ته هو ان کي قبول نه ڪندا.