ڪراچي: ناليواري ليکڪ ۽ انڊوومنٽ فنڊ جي چيئرمين حميد ھارون چيو آھي ته سنڌ محدود ناھي، لفظ انڊس ۽ سنڌو ھڪ آھن، ملتان ۽ لسٻيلو سنڌ جو حصو ھئا، ڀنڀور، ديبل ۽ ڪراچي سنڌ جون قديم بندر گاھون آھن سنڌ کي صرف سنڌي ٻولي، اجرڪ ۽ ٽوپي تائين محدود نه ڪريو. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ به سنڌ جي ثقافت آھن پر سنڌو انڊس سولائيزيشن جو نالو آھي.  ھن چيو ته محمد بن قاسم کان اڳ به سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اسلام ھو، جڏھن موھن جو دڙو ظاھر ٿيو ته اسان کي انڊس ويلي جي خبر پئي. سنڌ ۾ ستين صدي ۾ ٻڌ ڌرم جا ماڻھو رھندا ھئا جيڪي واپاري ھئا عربن اچي انھن جي واپار تي ڪنٽرول ڪيو.  ضياءِ الحق چيو ته اسان سڀ عرب آھيون اھو سڀ کان وڏو ڪوڙ آھي.

ملڪ ۾ هڪ پارليامينٽ ۽ ٻي ڊفيڪٽو رياست آهي: فرحت الله بابر

ڪراچي: لٽريچر فيسٽيول ۾ سياست جمھوريت ۽ عوام جي عنوان ھيٺ ڪوٺايل سيشنز کي خطاب ڪندي  پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته پاڪستان ۾ ھڪ پارليامينٽ ۽ ٻي ڊيفيڪٽو رياست آھي ھتي 2018ع ۽ 24 جي اليڪشن ۾ اڪثريت کي قبول نه ڪيو ويو۔  سياست ۽ جھموريت رڳو الفاظن جي حد تائين سٺا آھن۔  عملي طور تي نظر نٿا اچن۔  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو چيو ته  اسان وٽ جھموريت سان روزاني ريپ ٿئي ٿو. جمھوريت، عوام ۽ سياست لازم ۽ ملزوم آھن ـ گذريل ستن اٺن ڏھاڪن کان پاڪستان ـ بنگلاديش ـ ڀارت ـ افغانستان ۽ ايران ۾ جيڪا جھموريت نظر اچي ٿي اھا جھموريت آھي؟ سينيٽر  جان بلوچ چيو ته بلوچستان  به سنڌ ۽ پنجاب جيان ھن ملڪ جو حصو آھي ـ ھن وقت ملڪ ۾ سياست ۽ جھموريت ۾ جيڪو نظر اچي ٿو انھي جو جھموريت سان ڪو تعلق ناھي ـ ھن صورتحال کي۔  بھتر ڪرڻ لاءِ عوام کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ـ عوام ڪمزور آھي۔افتتاحي سيشن کي راندين واري کاتي جي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ڊي جي ثقافت منور مھيسر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيوـ

 

اين جي وي اسڪول تي پھريون قبضو سنڌ اسمبلي ڪيو ھو: امرجليل

ڪراچي : امر جليل وڊيو لنڪ ذريعي سيشن ۾ شريڪ ٿيو ۽ مھتاب اڪبر راشدي جي سوالن جا جواب ڏيندي ھن چيو ته آئون اين جي وي اسڪول ۾ پڙھيو آهيان ۽ زندگي جا 90 سال ھتي گذاريا آھن۔  ايترو عرصو جيل جي خولي ۾ ماڻهو رھي ته انھي سان به محبت ٿي ويندي آھي۔  ڪراچي جي اين جي وي اسڪول تي پھريون قبضو سنڌ اسمبلي ڪيو ھو ـ جڏهن ڪراچي کان گادي جو ھنڌ اسلام آباد ويو ته پوءِ اين جي وي کي واپس نالو مليو۔  ھن وقت مون تي جڏهن ڪي ناراض ٿين ٿا ته چون ٿا ته ھن جو سر ڪٽي کڻي اچو 50 لک ٿا ڏيون۔  چڱو ٿيو جو اھي چپ يا ڪن يا نڪ ڪٽڻ جي ڳالهه نٿا ڪن ـ مون تي 18 سال اڳ ھڪ ادبي ڪيس ھليو مون کان ڪھاڻي لکڻ بابت پڇيو ويو ته ھي تو لکي آھي مون چيو ھا مون لکي آھي پر منهنجي ناھي ـ  زندگي ۾ ڪي حادثا ۽ واقعا ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو کي سڄي زندگي  ياد رھن ٿا ـ آئون چار سال تائين رتن لال اسڪول ۾ پڙھيس ۽ پوءِ جڏهن انھي اسڪول کي باھه ڏئي ساڙيو ويو ته مون ان تي ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيون۔  مون ۾  ٻاھر نڪرڻ لاءِ اھا طاقت ناھي رھي ۽ ويل چيئر تي اچڻ نٿو چاھيان۔ مون تي لڳندڙ سمورا الزام قبول ڪريان ٿو۔  مونکي پرواھه ناھي، مون ڊي جي سائنس ڪاليج مان پڙھائي ڇڏي ايئرفورس ۾ وڃڻ جي تياري ڪئي ۽ پوءِ مون ٽيسٽ پاس ڪئي، ڀرتي وقت مونکي گھر وارن ڪون وڃڻ ڏنو۔  حقيقتن کي سامھون آڻيون ـ ڪجهه به لڪايو نه وڃي۔ ڪير دعوا ڪري ٿو سگھي ته ھن جا وڏا موھين دڙي جا ھئا ـ

 

مانجهي فقير سر وکيري ماڻهن کي موهي ڇڏيو، اڄ مختلف سيشن ٿيندا

ڪراچي: لٽريچر فيسٽيول ۾ مانجهي فقير سر وکيري ماڻهن کي موهي وڌو، ڪراچي /ڏسو صفحو 2 بقايا 21

۾ جاري ستين لٽريچر فيسٽيول ۾ رات دير تائين موسيقي جو سيشن جاري رھيو جنهن ۾ مانجھي فقير سر ورکا ڪئي. جڏهن ته اڄ پڻ مختلف سيشن ٿيندا۔

نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ، مزاح گيري سميت موضوعن تي سيشن

ڪراچي : لياقت ميموريل لائبريري ۾ ڪالھه  جھنگلي جيوت ـ نوجوان جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ـ مزاح گيري سميت ٻين موضوعن تي پڻ سيشن ٿيا.