حيدرآباد(بيورو رپورٽ) انساني حقن جي ڪارڪنن جي جوڙيل فيڪٽ فائنڊنگ مشن سنڌ اندر 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ متاثرن جي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي ڪمن ۾ سنگين خامين جو انڪشاف ڪيو آهي. انساني حقن جي ڪارڪنن جي نيٽورڪ سائوٿ ايشيا برائي انساني حقوق، سنڌ ۾ 2022ع جي موسمياتي تبديلي جي ڪري آيل ٻوڏ کانپوءِ متاثر ماڻهن جي نقصان جي ازالي ۽ بحالي جي عمل جي جاچ جي لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ مشن جو جوڙيو، مشن ۾ ماحولياتي حقن جو وڪيل ۽ (ايس اي ايڇ آر) جي ميمبر احمد رفع عالم، سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد تحسين، پاڪستان ڪسان رابطا ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ نيٽورڪ جو ميمبر فاروق طارق ۽ (ايس اي پي پي ڪي) جي شهناز شيدي شامل هئي. ان مشن سنڌ جي مختلف ضلعن لاڙڪاڻو، شڪارپور، نوابشاهه ۽ حيدرآباد جو دورو ڪيو، مشن جو مقصد ٻوڏ کانپوءِ ٻيهر بحالي ۽ تعمير واري عمل ۾ حڪومتي ڪارڪردگي جي قدمن ۽ ڪوتاهين جو جائزو وٺڻ ۽ ان سلسلي ۾ ٿيندڙ حقن جي خلاف ورزين جي دستاويزي رپورٽ تيار ڪرڻ هو. ان مشن جي ابتدائي جاچ ۾ صوبائي حڪومت جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ شروع ڪيل دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ پراجيڪٽ وارين دعوائن جي ترديد ڪندي چيو ويو ته مشن کي اها ڳڻتي آهي ته هڪ ڪمري وارو ٻوڏ متاثر ماڻهن جو ماڊل گهر رڌڻي ۽ واشروم جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهي جيڪو گهر جي طور قابل قبول ناهي، هڪ ڪمري واري گهر جي تعمير جي لاءِ ابتدائي طور تي 3 لک رپين جي رقم به ان وقت به ناڪافي هئي ۽ موجوده بيرروزگاري ۽ ماڻهن جي آمدني کي نظر ۾ رکندي تمام گهٽ آهي. مشن جي مشاهدي دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته متاثر ماڻهن جي نقصان جي ازالي ۽ کين بنيادي حقن ۽ سهولتن جهڙوڪ پيئڻ جي صاف پاڻي، خوراڪ، بجلي جي سهولت، تعليم ۽ صحت جي سار سنڀال کان محروم رکيو ويو آهي. هڪ اندازي موجب 6 ماڻهن تي مشتمل خاندان جي ماڻهن کي به هڪ ڪمري واري گهر ۾ رهائڻ ممڪن ناهي. صحت جي سهولتن بابت مشن ڄاڻايو آهي ته عورتون ۽ ٻارڙا ٻوڏ کانپوءِ ناڪاري اثرن جو وڏو بار برداشت ڪري رهيا آهن، اهي سخت خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن ۽ تباهه ٿي ويل روڊن جون نظام صحت جي مرڪزن تائين رسائي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. مشن اهو ڏٺو ته ٻارڙا پيرن اگهاڙي بنيادي سامان کانسواءِ اسڪول وڃي رهيا هئا جڏهن ته ڪيترن ئي نياڻين کي اسڪول ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ٻوڏ روڊن جي نيٽورڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري ماڻهن کي اسپتالن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. متاثرن جي ذهني صحت تي ڪا به توجهه نه پئي ڏني وڃي، ڪيترائي ماڻهو ذهني طور تي بيمار ٿي چڪا آهن. زرعي ۽ معاشي اثرن بابت مشن ڄاڻايو آهي ته ٻوڏ گذر سفر جي ذريعن کي به پاڻ سان گڏ لوڙهي وئي، ڪجهه ماڻهو ٿوري زمين جا مالڪ هئا ۽ ڪجهه وري ٻين وڏن جاگيردارن ۽ زميندارن وٽ مزدوري ڪندڙ هئا، موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري فصل تيار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ پيداوار به گهٽجي وئي آهي. شڪارپور ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ سم ۽ ڪلر زمينون خراب ڪري ڇڏيون آهن. حڪومت پاران اڳ ڏنل سبسڊي ناڪافي آهي. ماحولياتي تبديلين بابت آگاهي جي حوالي سان مشن ڄاڻايو آهي ته ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان جاڳرتا پيدا نه پئي ڪئي وڃي. نظامي ناڪامي بابت مشن چيو آهي ته ٻوڏ کانپوءِ بحالي واري ڪم جي نگراني ۽ جائزي جي غير موجودگي بحالي واري ڪم ۾ سستي پيدا ڪري ڇڏي. سياسي ۽ ٻين سببن جي ڪري بحالي ۾ تيزي جي لاءِ عوامي آواز کي ڇڙوڇڙ ڪيو ويو، اها خبر پئي ته متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ جامع ترقياتي عمل جي وڪالت ڪندڙ مقامي سماجي ڪارڪنن ۽ تنظيمن جي سفارشن کي حڪومتي عملدارن نظرانداز ڪيو. موسمياتي فنانس ۽ معاشي بار بابت مشن ڄاڻايو آهي ته پاڪستان گرين هائوس گئسز جي خارچ ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو به حصو نٿو رکي، پر جيڪو بار پاڪستان برداشت ڪري رهيو آهي اهو جواز نٿو رکي. سنڌ کي عالمي بينڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن وٽان تقريبن 2 ارب آمريڪي ڊالر وصول ٿيا، جيڪي گهڻو ڪري قرض جي مد ۾ هئا، اها رقم وياج سان گڏ واپس ڪرڻي پوندي. اها رقم غريب عوام جي ٽيڪسن ذريعي وصول ڪئي ويندي ۽ انهن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اڳ ئي ملڪ جو عوام غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي. 2022ع جي ٻوڏ ۾ نقصانن جو اندازو 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ لڳايو ويو، موجوده مالياتي ماڊل ورلڊ بينڪ جهڙن مالياتي ادارن جي قرضن تي ڀاڙي ٿو، اهو ماڊل متاثر ماڻهن جي بحالي جي لاءِ اضافي قرض جو بار کڻڻ تي مجبور ڪري ٿو. سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر کي ٽيڪسن جي ذريعي وياج سان گڏ قرض واپس ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. لاس ۽ ڊيميجز فنڊ سنڌ ۾ متاثرن جي لاءِ منصفاڻو مالياتي طريقيڪار فراهم ڪري سگهي ٿو، جيڪو قرض جو بار برداشت ڪرڻ بنا مدد فراهم ڪري پر فنڊ جي موجوده صورتحال ترقي يافته ملڪن جي محدود حصيداري ۽ غير واضع ورهاست جي طريقيڪار سان جڙيل آهي، ان ڪري سنڌ جهڙي خطي جي لاءِ فوري امداد ناڪافي آهي. مشن حڪومت آڏو اهي مطالبا رکيا آهن ته ٻوڏ متاثر ماڻهن جي لاءِ ٺهيل گهرن جي ڊزائن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي ۽ رڌڻي ۽ واشروم سميت صحت ۽ صفائي جو نظام درست ڪيو وڃي. گهرن جي تعمير جي لاءِ ادا ٿيندڙ رقم جو جائزو ورتو وڃي. متاثر ماڻهن جي لاءِ نئين سري سان سروي ڪئي وڃي ته جيئن اها خبر پئجي سگهي ته اصل حقيقي متاثر ڪهڙا آهن ۽ انهن جي مدد ڪري سگهجي. مشن چيو آهي ته گرين هائوسز اخراج ۾ پاڪستان جو حصو ناهي، ان لاءِ جن ملڪن جو وڏو حصو آهي انهن ملڪن کي فنڊ فراهم ڪرڻ بابت پنهنجن واعدن تي پورو لهڻو پوندو ۽ مالياتي فنڊنگ قرضن جي شڪل ۾ نه هجڻ گهرجي. حڪومت ان سلسلي ۾ انهن ملڪن کي پنهنجا واعدا ياد ڏياري.
هڪ ڪمري وارو گهر موسمياتي اثرن کي منهن ڏيڻ جي قابل ناهي
حيدرآباد : مشن جي رپورٽ موجب هڪ ڪمري وارو گهر موسمياتي تبديلين جي آفتن کي منهن ڏيڻ جي قابل ناهي، موسمياتي تبديلين بابت اڳڪٿين موجب مستقبل ۾ انهن ڪمزور آبادين تي وڌيڪ شديد قدرتي آفتن جو اثر ٿيڻو آهي ۽ اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هڪ ڪمري وارن گهرن وارو ڍانچو برساتن کي برداشت نه ڪري سگهندو جڏهن ته اها رياست جي ذميواري آهي ته هو ماڻهن کي پناهه گاهه، خوراڪ، تعليم، صحت ۽ صاف ماحول فراهم ڪري. انهن ڪمزور آبادين جا بنيادي حق پائمال ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي غير انساني ۽ غير وقار حالتن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. مشن اهو به معلوم ڪيو ته ڄاڻايل گهرن جي ڊزائن ۽ حقيقي متاثر برادرين ۾ گهرن جي ورهاست جي عمل ۾ گڏيل صلاح مشورو گهٽ ڪيو ويو، ٻوڏ کانپوءِ ٻيهر بحالي ۽ تعمير جي عمل کي معمولي سرڪاري سروس طور وٺڻ ۽ حڪومتي رويي فنڊن جي وقت سر ورهاست جي حوالي سان فوري ضرورت جي احساس کي گهٽ ڪري ڇڏيو.
|
مشن صحت ۽ صفائي جي بحران بابت خدشا ظاهرڪري ڇڏيا، بيماريون پکڙجڻ جي نشاندهي
حيدرآباد: مشن صحت ۽ صفائي جي بحران بابت ڄاڻايو آهي ته جن به ڳوٺن جو مشن دورو ڪيو اتي مناسب پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي جو نظام موجود نه هو، ماڻهن پنهنجن گهرن جي اڱڻ آڏو گنڌ ڪچري جمع ڪرڻ سان گڏ وڏا گڏا کوٽي رکيا آهن ان ڪري اتي ڊائريا، مليريا ۽ چمڙي جون بيماريون پکڙجي رهيون آهن. مشن جي ڪيس اسٽڊي دوران لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ جي بابت ڄاڻايو ويو آهي ته موهن جي دڙي ويجهو هن ڳوٺ ۾ 40 گهر مڪمل تباهه ٿيا ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي صرف 4 گهر تعمير ٿي سگهيا آهن، ماڻهن ٻڌايو ته حڪومت پاران جاري ڪيل لسٽن ۾ پنهنجو نالو ڳولڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، ڪجهه خاندان اڃا تائين خيمن ۽ ڪجهه وري پاڙيسرين وٽ رهن پيا، ٻوڏ کانپوءِ پاڻ گهر ٺاهي رهائش اختيار ڪندڙن کي حڪومت لسٽ ۾ شامل نه ڪيو،