ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي زرعي سائنسدانن وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ۽ گھٽ پاڻي تي پوکجندڙ 22 نيون زرعي جنسون تيار ڪري ورتيون، ڪالهه صوبائي سيِڊ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪپهه، مڪئي، سارين، دالين ۽ انبن جي 22نئين زرعي جنسن پوکڻ جي منظوري ڏني وئي، ان موقعي تي صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته ڪپهه جون 3 ۽ چانورن جون 4 نيون جنسون پوکڻ جي هڪ سال لاءِ منظوري ڏني وئي، سارين ۾ نئون ڪينولا ۽ نئون توري گولڊ، ميرپورخاص جي دسهڙي انب جون نيون جنسون پوکڻ جي منظوري ڏني وئي، مڪئي ۾ مظهر گولڊ، سنڌ راڻي ۽ سرهاڻ، تِرن ۾ ٽي ايس 3، سارين ۾ ڪي ايس ڪي 434، باسمتي 515، ڪائنات سميت 4 جنسون منظور ڪيون ويون.