سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان منعقد سنڌ اسڪولز چيمپئن شپ سکر جو ٽائيٽل پبلڪ اسڪول پنھنجي نالي ڪري ورتو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سنڌ حڪومت طرفان سنڌ اسڪول ڪرڪيٽ چئمپيئن شپ جي فائنل ميچ ۾ گورنمينٽ بوائيز هائير سيڪنڊري اسڪول پنوعاقل جي ٽيم پھريان کيڏندي 139 رنز تي ڍير ٿي وئي، جڏھن ته جواب ۾ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر جي ٽيم 20.2 اوورن ۾ هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ٽائيٽل پنھنجي نالي ڪري ورتو. فرحان علي بھترين بيٽنگ ڪندي 52 رنز جي اننگ کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فائنل ميچ جي مھمان خاص ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول ايجوڪيشن رخسانه شاھين مڱڻيجو ۽ شھاب الدين انڍڙ ونر پبلڪ ٽيم کي وِنر ٽرافي ۽ رنر ٽيم کي رنر اپ ٽرافي ڏني، اِن سان گڏ سٺي راند جو مظاھرو ڪرڻ تي فرحان علي کي مين آف دي ميچ قرار ڏيندي ٽرافي ڏني وئي.