ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ 26 آئيني ترميم پاس ٿيڻ کان پوءِ  پهريون دفعو صلاحڪار ايوان ۾ ويهي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا، وڏي وزير جي صلاحڪار نجمي عالم چيو آهي ته ڪچي آبادي جي رهواسين کي فليٽ ٺاهي ڏيڻ چاهيون ٿا پر رهواسي پنهنجا پلاٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، ايم ڪيو ايم جي جمال احمد پاران چنگچي رڪشائن سبب ٽريفڪ ۾ رڪاوٽن جي شڪايت ڪئي وئي. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاھه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، اجلاس ۾ 26 آئيني ترميم  پاس ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو وڏي وزير جي صلاحڪار  نجمي عالم جا  ايوان ۾ ويهي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا، وڏي وزير جي صلاحڪار صوبائي نجمي عالم ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڪچي آبادين م جهڳيون آهن، فليٽ ٺاهڻ جي خواهش آھي، ايم پي ايز ساٿ ڏين ۽ ماڻھن کي راضي ڪن، سکر ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ته مسئلا پيش آيا. اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي  ميمبر جمال احمد پاران ڌيان ڇڪايو نوٽس ذريعي شهر ۾ چنگچي رڪشائن سبب ٽريفڪ ۾ رڪاوٽن جي شڪايت ڪئي وئي، جنهن تي سينيئر صوبائي وزيرشرجيل انعام  ميمڻ جواب ۾ ڳالهائيندي چيو ته سخت گرمي ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ ٽريفڪ اهلڪارن تي الزام هڻڻ غلط آهي ننڍن ٻارن کي گاڏيون ڏيڻ جا اصل زميوار والدين آهن. جڏهن ته ايوان ۾ ڏياري جي مبارڪن جو به پڙاڏو رهيو، پ پ ايم پي اي شام سندر اسمبلي ۾ ڏياري جي خوشي ۾ مٺايون ورهايون.