ڪراچي (رپورٽ:نظير ميمڻ) سنڌ اسيمبليءَ جي آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن جي ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ اسپيڪر پاران لکيل خط چيف سيڪريٽريءَ کي ويتر ڪاوڙائي ڇڏيو، چيف سيڪريٽري بند ٿيل ايف آءِ اي جي جاچ وارا فائل به کولرائي ڇڏيا، اينٽي ڪرپشن اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري حبيب سميجو کي 14 سيپٽمبر تي رڪارڊ سميت گهرائي ورتو، ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري حبيب سميجو سميت ٻين آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن کاتي پاران شروع ڪيل انڪوائري روڪرائڻ لاءِ اسپيڪر آغا سراج دراني چيف سيڪريٽري کي خط لکيو هو آغا سراج دراني جي خط موجب ايڊيشنل سيڪريٽري حبيب سميجو، ڊپٽي سيڪريٽري طارق مهر ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري منور علي راهو خلاف اداري پاران انڪوائري هلندڙ آهي، انهي ڪري اينٽي ڪرپشن کاتي جي انڪوائري بند ڪئي وڃي، واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي پاران ملازمن کي سٺي ڪارڪردگي تي هلندڙ سال 17 ڪروڙن 46 لکن جو اعزازيو ڏنو هو، هوڏانهن اينٽي ڪرپشن کي جاچ روڪڻ لاءِ اسپيڪر جي لکيل خط چيف سيڪريٽري کي ويتر ڪاوڙائي ڇڏيو آهي، چيف سيڪريٽري بند ٿيل ايف آءِ اي جي جاچ وارا فائل به کولرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ايڊيشنل سيڪريٽري حبيب سميجو کي 14 سيپٽمبر تي سمورن سرٽيفڪيٽن، ڊگرين، ميڊيڪل ۽ سروس رڪارڊ سميت طلبي ورتو آهي، ذريعن موجب ڊي ڊي او ايڊيشنل سيڪريٽريءَ حبيب سميجو جي صحيح سان 5 ڪروڙ رپين جو خرچ ڏيکاريو ويو آهي هوڏانهن اينٽي ڪرپشن پاران کُلندڙ فائل موجب حبيب سميجو ب فارم موجب 2 اپريل 2021 ع تي رٽائر ٿي چڪو آهي.