ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97هين سالگره جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، قرارداد پيش ڪندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته پاڪستان ۾ شهيد ڀٽو جهڙو عظيم ليڊر ڪڏهن به پيدا ناهي ٿيو، شهيد ڀٽو جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ملڪ کي گڏيل آئين ڏيڻ آهي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پڻ شهيد ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، پ پ قيادت ۽ ڀٽو شهيد جو ويزن ساڳيو ئي آھي، اھي پاڪستان جي سالميت خلاف ڪا به ڊيل ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. هن چيو ته شھيد ڀٽو جو فلسفو جيڪڏھن عملي طور تي لاڳو ٿئي تھ ملڪ اندر سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، هن چيو ته پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ڀٽو جهڙي ذهين شخصيت جي ضرورت آهي. اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هوته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو سرمايو هو، جنهن ملڪ جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو سندس چوڻ هوته لينڊ ريفارمز دوران ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي 3 هزار ايڪڙ زمين غريبن کي ڏئي ڇڏي. پ پ ميمبر جميل سومرو چيو ته قائد عوام اسلامي دنيا جو مفڪر ۽ رهبر هو. مخالف ڌر جي ميمبر شبير قريشيءَ چيو ته شهيد ڀٽو دنيا جو عظيم ليڊر هو،صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته اڄ تاريخ ثابت ڪري چڪي آهي ته ڀٽو صاحب جو عدالتي قتل ٿيو آھي، مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي هڪ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالھائيندي چيو ته جمعي وارو احتجاج تعليمي مسئلن سبب هو، تعليمي بورڊن ۾ سڌارن بابت حڪومت ڇا ڪيو آهي؟، ان حوالي سان سرڪاري موقف اچڻ گهرجي، جيڪڏهن حڪومت مسئلو حل نه ڪيو ته انٽر جي هزارين شاگردن جو مستقبل خراب ٿي ويندو. هن چيو ته شاهه فيصل ڪالوني ۾ گٽر جو ڍڪڻ نه هجڻ ڪري معصوم ٻارڙو فوت ٿيو، انهي جو ذميوار ميئر آهي، هن مطالبو ڪيو ته گٽرن جا ڍڪڻ نه هجڻ سبب فوت ٿيندڙن لاءِ سرڪاري امداد جو اعلان ڪيو وڃي. پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي هڪ هڪ انچ جي مالڪي ڪري ٿي. حڪومت جي نيت ڪڏهن به خراب ناھي رهي. مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني تجويز ڏني ته علي خورشيديءَ سان گڏ ويهي ٽي آو آر ٺاهڻ گھرجي، ٻارن جو مستقبل اسان کي بھ پيارو آهي، آئون جاچ ضرور ڪندس ته ميل ھول تي ڍڪ ڇو نه هو. هن چيو ته ڪراچي ۾ 400,000 کان وڌيڪ مين هول آهن، جن مان 32 هزار کي ڍڪ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته اسيمبلي ميمبر ۽ شهري به ڍڪڻ چوري ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اڳتي اچن، ڪالهه اسيمبلي اجلاس جي ڪارروائي ۾ وقفو ڪري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن ۾ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر، وڏي وزير سيد مراد شاهه، اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه، سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ضيا الحسن لنجار، ناصر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.