ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي مان بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي ۽ مسافرن کي يرغمال بڻائڻ واري واقعي خلاف مذمتي ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو، اجلاس دوران سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس ترميمي بل سميت ٻه سرڪاري بل گڏيل طور پاس ڪيا ويا. پ پ ايم پي اي تيمور ٽالپر پاران بشريٰ بي بي ۽ عمران خان خلاف تنقيد ڪرڻ دوران پي ٽي آءِ ميمبرن پاران اسيمبلي ۾ گوڙ ڪيو ويو. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاھه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي ۽ مسافرن کي يرغمال بڻائڻ واري واقعي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. وڏي وزير ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي جانين سان کيڏي دهشتگردن هٿان يرغمال بڻايل سمورن مسافرن کي حفاظت سان آزاد ڪرايو جنهن تي بهادر جوانن ۽ بلوچستان سرڪار کي سلام پيش ڪريون ٿا، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو اصل ۾ پاڪستان جي دل تي حملو آهي، اهڙا حملا ملڪ جي معيشيت کي ڪاپاري نقصان پهچائڻ لاءِ دشمن ملڪ  ڪرائيندا آهن، هن چيو ته هن خطي ۾ هٿ وٺي دهشتگردي ڪرائي پئي وڃي، بلوچستان مان بدامني ختم ٿي ته انٽرنيشنل سطح ٿي خود ڪفيل صوبو بڻجي ويندو ۽ پاڪستان جي قسمت تبديل ٿي سگهي ٿي، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردن فائرنگ ڪري 440 مسافرن کي يرغمال بڻايو، جوانن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ڪامياب آپريشن ڪيو، هي بزدلاڻو حملو هو جنهن ۾ عورتن ٻارن ۽ پوڙهن کي تڪليف ۾ مبتلا ڪيو، سردار چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته اسانجي فرسز جو وڏو ڪردار آهي، جن جي ڪري ماڻهن جي جان بچائي ريسڪيو ڪيو ويو ان کي اسان ساراهيون ٿا. ايم پي اي امداد پتافي چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا، پيپلزپارٽي کان وڌيڪ دهشتگردي کان ڪير متاثر ٿيو آهي؟ سعيد غني چيو ته جعفر ايڪسپريس واقعي جي رڳو مذمت نه ڪئي وڃي دوستن کي گذارش آهي ته اهڙن واقعن کي ٻي نظر سان ڏٺو وڃي، تيمور ٽالپر چيو ته جڏهن به برو وقت ايندو آهي، ٻوڏ هجي يا ڪهڙي به آفت هجي ان وقت فوج اسان جي مدد لاءِ جڏهن ڪير ناهي هوندو ته فوج اسان سان گڏ هوندي آهي، بلوچن سان به ڳالهين جي ضرورت آهي، ان موقعي تي تيمور ٽالپر پاران بشريٰ بيبي ۽ عمران خان خلاف ڳالهائڻ دوران پي ٽي آءِ جي حامي آزاد اميدوارن پاران ايوان ۾ گوڙ شروع ڪيو. ايم پي اي قرتالعين ڳالهائيندي چيو ته سڄي پاڪستان جي قوم پنھنجي پارٽي ۽ پنهجي طرفان ان قرارداد جي حمايت ڪيان ٿي. جميل سومروچيو ته ڪڏهن چيو ٿو وڃي ته اهي ناراض ڀائر آهن انهن کي پرچائڻ گهرجي، پر اهڙي جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ لاءِ قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي، جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق چيو ته بلوچستان جي اسيمبلي ۾ ايم پي ايز تقريرون ڪيون اتان جي وڏي وزير چيو ته دهشتگردن کي بلوچ نه چيو وڃي، انهن بلوچن کي ڪنهن جبلن تي چاڙهيو، مشرف چيو ته انهن کي اتان ميزائل هڻندس جو انهن کي خبر به نه پوندي. هي باھه اتان ٻري آهي، اجلاس دوران 17 مارچ سومر کان جمعي ڏينهن تائين بجيٽ کان اڳ وارو بحث ڪرائڻ واري رٿ منظور ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس ترميمي بل ۽ سنڌ موٽر وهيڪل ٽيڪسيشن ايڪٽ 1958 ترميمي بل پڻ گڏيل طور تي پاس ڪيا ويا.