ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ تي بحث جي پهرين ڏينهن ميمبرن جي هڪٻئي تي تنقيد، اپوزيشن جماعتن جي مختلف ميمبرن پاران حڪومت مٿان نظرانداز ڪرڻ جا الزام، ڪالهه بجيٽ اجلاس مقرر ٽائيم کان 4 منٽ دير سان شروع ٿيو. بجيٽ تقرير ڪندي پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي چيو ته سنڌ جهڙو صحت وارو نظام ٻين صوبن ۾ موجود ناهي. صحت کاتي جي بجيٽ 8 سيڪڙو وڌائي وئي آهي. سنڌ جي 11 ضلعن ۾ قائم ڪيڊيٽ ڪاليجز لاءِ پڻ پئسا رکيا ويا آهن. گمس ۾ 5 قسمن جي پيوندڪاري ٿي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي ميمبر شارق جمال چيو ته 17 سالن کان پيپلز پارٽي بجيٽ پيش ڪري پئي، پيپلز پارٽي عوام کي روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان ڏيڻ بجاءِ رڳو دوکو ڏنو، هن چيو ته ڪراچي منهنجو بيڊروم آهي، سنڌ منهنجي اوطاق آهي، 17/17 سالن کان ويٺل ميمبر هن بجيٽ مان امير ٿي ويندا، هن چيو ته پيپلز پارٽي وارا ڪراچي جي بهتري نه ٿا چاهين. حيدرآباد ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي ويا، بجيٽ ۾ اتي برنس سينٽر لاءِ رقم ناهي رکي وئي، پ پ جي آصف موسيٰ چيوته ڪراچي ۾ پهريان ٻوري بند لاش ملندا هئا. هاڻ امن ٿيو آهي، ايم پي اي ياسمين شاھ چيو ته سنڌ حڪومت مفت درسي ڪتاب ڏيڻ لاءِ 5.5 ارب خرچ ڪيا آهن، هن چيو ته بدين ۾ ڪاليج موجود آهن ،انهن کي مڪمل يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي. هارين لا اهڙي پاليسي ڏني وڃي ته جيئن ٻوڏ ۾ سندن نقصان جو ازالو ٿي سگهي. ايم پي اي رخسانه شاهه چيو ته ٺٽي ۾ گرلز ڊگري ڪاليج آهي، اتي ڪمپيوٽر ليب ڏني وڃي، ڪوهستان ۾ عورتون چار کان 5 ڪلو ميٽر پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون. اتي نلڪا مهيا ڪيا وڃن، ٺٽي ضلعي ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو ڪامپليڪس قائم ڪيو وڃي، ٺٽي ۾ ٺهيل ٽراما سينٽر جي بلڊنگ صحت کاتي حوالي ڪئي وڃي. ايم پي اي شازيه ڪريم چيو ته سڄي پنجاب ۾ موٽروي جو ڄار وڃائجي ويو پر وفاق حيدرآباد_سکر موٽروي نه ٿو ٺاهي، ڇا سنڌ وفاق جي ڪالوني آهي؟ سنڌ جي گئس، ڪوئلي ۽ پاڻي تي ڌاڙا هنيا ٿا وڃن. وفاقي سرڪار جو حصو بڻيل جماعتون سنڌ لاءِ ڇو نه ٿيون ڳالهائين؟ ايم پي اي اعجاز شاهه چيو ته ٽنڊو محمد خان اسپتال کي ضلعي اسپتال جو درجو ڏنو وڃي بجيٽ، دوائون ۽ عملو وڌايو وڃي. ٽنڊو غلام حيدر کي به اسپتال ڏني وڃي. مڪاني کاتي جي ملازمن جي پگهار ٽريزري ذريعي ڏني وڃي، يم پي اي عادل عسڪري چيو ته تعليمي سيڪٽر جي 613 ارب رپيا بجيٽ هوندي 52 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اهي ٻار جيڪڏهن نه پڙهيا ته بارود بڻجي ڦاٽي پوندا. موري ۾ گهرو وزير جي گهر کي جيڪا باھ لڳي، ان وقت سردار شاه چيو هو ته اها را جي سازش هئي، آئون چوان ٿو ته اها را جي نه پر جهالت جي سازش هئي. پ پ ايم پي اي صائمه آغا چيو ته اپوزيشن جو هڪ صاحب هر ٻئي ڏينهن بيهي نااهلي جا سرٽيفڪيٽ ورهائي ٿو، ڪڏهن ڪهڙي وزير ته ڪڏهن ڪهڙي وزير کي نا اهل قرار ڏئي ٿو، اهي پنهنجي اڳوڻي ميئر جي ڪارڪردگي ڇو نه ٿا ٻڌائين؟ پ پ جي نذھت پٺاڻ چيو ته اسان اين آءِ سي وي ڊي، گمس سميت اھم ادارا ٺاھيا آھن۔ ڪرپشن جي روڪٿام لاء اثرائتو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي۔ پيپلز پارٽي ميمبر فاروق اعواڻ اپوزيشن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ھن پاسي منهنجو ٻچو عادل عسڪري ويٺل آھي۔ ھن ايم ڪيو ايم باني کي شيطان شھر قرار ڏيندي چيو ته الطاف حسين ٽي وي ۽ زيور وڪڻي هٿيار خريد ڪرڻ جون هدايتون ڏيندو هو.
گهرو وزير پاليسي ٺاهيندو ۽ آءِ جي امن ڪرائيندو آهي: لنجار
ڪراچي: گھرو مامرن واري وزير ضياء الحسن لنجار چيو ته گذريل ڏينهن ٺٽي ۾ ماڊل پوليس اسٽيشن جي افتتاح دوران صحافي جي سوال تي منهنجي ڏنل جواب کي وڌائي پيش ڪيو ويو، هن چيو ته گھرو وزير حڪومت جو نمائندو آھي۔ اسان پاليسي ميڪنگ آھيون۔ جڏهن ته آءِ جي پوليس ايڪٽ تحت پوليس جو ذميوار آھي، هو امن امان کي ڏسي ٿو. هن چيو ته گھرو سيڪريٽري وري اسٽيبلشمينٽ کي ڏسي ٿو۔ هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد سميت سمورن شھرن ۾ ڏوھارين لاءِ ڪا گنجائش ناھي۔اسان جي پوليس چاڪ چوبند آھي، ھاڻي اھي ماضي جا قصا آھن، سنڌ ۾ امن امان بھتر آھي. هن چيو ته اسان وزير پاڻ ۾ ڪُليگ ( ساٿي )آھيون، ھڪٻئي سان گلا شڪوه ڪندا آھيون، باقي هرڪو پنهنجن آئيني حدن ۾ڪم ڪري ٿو، هن چيو ته ارمغان ڪيس ۾ نارڪوٽڪس جا ريڪٽس ھلن پيا، ان حوالي سان عرفان بلوچ جي سربراهي ۾ اينٽي نارڪوٽڪس اسٽبليشمينٽ ٽيم ٺاھي آھي۔ هن چيو ته پوليس وٽ ڪافي ھٿيار آھن ، ڪچي ۾ سنڌ پوليس ڪم ڪري پئي۔ صدر آصف زرداري جي گڏجاڻي بعد 7 اي پي سي مليون آھن. هن چيو ته لاھور ۾ به مسئلا آھن ڪراچي ۾ سيف سٽي کي به اپ ڊيٽ ڪرڻو پوندو. ٽريفڪ پوليس به شھرين سان زيادتي ڪري ٿي۔ انھي لاءِ ضابطا ٺاهينداسين. شاھدين کانسواءِ ڪو به ٽريفڪ چالان نه ٿيندو۔ انھي لاءِ ڪورٽ ٺاھيون پيا۔ هن چيو ته مورو واقعي ۾ پرڏيھي ھٿ ۽ آزادي جي تحريڪ وارن سميت مقامي ھٿ به شامل آھن.
سنڌ ۾ صحت جون سهولتون آهن ته نعيم کرل 7 ڪروڙ خرچ ڪري پرڏيهه ڇو ويو آهي؟ فرح سهيل
ڪراچي: متحده ايم پي اي فرح سهيل چيو ته صحت لاءِ چيو ويندو آهي ته هن کاتي ۾ بهتر ڪم ڪيو ويو آهي، هيل بجيٽ به وڌايو ويو آهي، انهي هوندي پ پ ايم پي اي نعيم کرل 7 ڪروڙ خرچ ڪري علاج لاءِ پرڏيهه وڃي ٿو.
پ پ ايم پي اي هالار وساڻ جا بجيٽ تقرير دوران پنهنجي حڪومت کي ڏوراپا!!
ڪراچي: پيپلز پارٽي جي ايم پي اي هالار وساڻ بجيٽ تقرير دوران پنهنجي حڪومت کي ڏوراپا ڏنا، هالار وساڻ تقرير دوران چيو ته بجيٽ ۾ خيرپور لاءِ يوٿ ڊولپمينٽ ڇو رکيل ناهي ؟ پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي جون سيٽون ڪوٽڏيجي لاءِ به ڏنيون وڃن. اسان وٽ ڪوٽڏيجي ۾ رڳو هڪ رورل هيلٿ سينٽر آهي، ٻيو به ڏنو وڃي. ڪوٽڏيجي قلعو قديمي آثار آھي، اتي ڊجيٽل لائبريري ۽ آئي ٽي سينٽر ٺاهي ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪوٽڏيجي لاءِ ڪو به فنڊ ناھي۔ ھڪ کان چار تائين نوڪريون به ڏنيون وڃن. هن چيو ته ريسڪيو 1122 ڏيڍ سال کان قائم آهي پر اتي ايمبولينس ناھي
سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ٿي ته ٻچا قربان ڪندس: شوڪت علي
ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي ميمبر شوڪت علي چيو ته ايوان جو ماحول افسوسناڪ رھيو آھي. سنڌ جي ورهاست ڪو به ڳالهائيندو ته آئون اٿندس ۽ پنهنجا ٻچا قربان ڪندس. ھتي ڪو 3 ھزار ڪلو ميٽر پنڌ ڪري اچي نفرت پکيڙي، انھي کي قبول نه ڪنداسين۔ سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي قرارداد پاس ڪئي، سائين جي ايم سيد ڪردار ادا ڪيو، حرن پاران انگريزن خلاف جدوجهد ڪئي وئي۔اسان مان ڪنهن ۾ به توفيق ناھي ته انھن لاءِ هن ايوان ۾ مغفرت لاءِ دعا ڪري سگھون. هن چيو ته دهشتگردن کي سياسي پارٽين پيدا ناهي ڪيو، عذير بلوچ، بابا لاڏلا، رحمان ڊڪيت، ارشد پپو ڪير هئا؟ پرو چانڊيو، محب شيدي ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ پيدا ٿيا. جتي ناانصافي ٿيندي آھي اتي اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا آھن،ڪنهن به سياسي پارٽي سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي سپورٽ ناھي ڪيو.
سنڌ بجيٽ منظوري لاءِ ڪنهن پارٽي جي ضرورت ناهي: ناصر شاهه
ڪراچي: صوبائي وزير ناصر شاھ چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي سنڌ بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به پارٽي جي ضرورت ناهي. اپوزيشن ليڊر سڀ کان پهريان مون کي فون ڪيو ته آئون وڏي وزير سان ملڻ چاهيان ٿو، ملاقات دوران وڏي وزير کيس چيو ته ڪنهن به ميمبر کي الڳ اسڪيمون نه ٿا ڏيون. اسان بجيٽ ۾ بلاڪ وائيز اسڪيمون رکيون ويون آهن. اپوزيشن بجيٽ واري ڏينهن احتجاج ڪيو، جيڪو غير مناسب هو. اهي احتجاج ڀلي ڪن ها پر سندن طريقيڪار غلط هو. هن چيو ته اهو طئه ٿيو هوته بجيٽ تقرير دوران قيادت خلاف گهٽ وڌ نه ڳالهايو ويندو.