ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير  ڀٽو  جي سالگرهه جي موقعي تي شاندار ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو ، جڏهن ته بينظير ڀٽو  جي نياڻي ايم اين اي آصفه ڀٽو اسيمبلي پهچي شهيد راڻي جي 71 هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو، اجلاس جي شروعات ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر ايم پي اي نثار احمد کهڙو شهيد راڻي بينظير  ڀٽو  جي سالگرهه جي مناسبت سان کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو، جيڪو گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو بينظير  ڀٽو کي ڀيٽا ڏيندي چيو ته شهيد راڻي اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽  جمهوريت جي علمبردار هئي، هن جمهوريت جي بحالي ۽ غريب عوام جي حقن لاءِ اڻٿڪ جدوجهد  ڪئي، هن چيو ته اڄ بي نظير ڀٽو اسان جي وچ ۾ ناهي پر جمهوري نظام موجود آهي. بعد ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران پ پ  ايم پي اي روما مشتاق مٽو چيو ته بجيٽ عوام دوست آهي، جنهن ۾ تعليم، صحت، سولر سسٽم ۽ ترقياتي منصوبن کي اوليت ڏني وئي، هن چيو ته نوڪرين ۾ اقليتن جي ڪوٽا وڌائي وڃي، جڏهن ته   کدڙن  لاءِ رکيل ڪوٽا تي به عمل ڪرايو وڃي. پ پ ايم پي اي عروبا راشد رباني چيو ته عوام جي خدمت سبب  پيپلزپارٽي کي چوٿون ڀيرو ڀرپور مينڊيٽ مليو آهي، بجيٽ ۾ تعليم ۽ صحت لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن، پ پ ايم اپي اي مخدوم فخرالزمان چيو ته بجيٽ ۾ ملازمن جي پگهارن ۾30 ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، بينظير مزدور ڪارڊ ۽ بينظير هاري ڪارڊ لاءِ پئسا رکيا ويا آهن، جنهن سان هارين ۽ مزدورن کي فائدو ٿيندو. پ پ ايم پي اي خيرالنساءِ مغل چيو ته سنڌ حڪومت جي اسپتالن  ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو علاج ڪرائڻ اچن ٿا، جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ گمس سنڌ جا مثالي ادارا آهن، هن چيو ته بي نظير وومين ايگريڪلچرل اسسٽنس پروگرام وسيلي ڳوٺاڻين عورتن ( هارياڻين ) جي سهائتا ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان جو وفاق کان مطالبو آهي ته سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ هيٺ پورو حصو ڏنو وڃي. اسان کي وڏي وزير جي صلاحيتن تي ڀروسو آهي،هو سنڌ کي وفاق کان پورو حصو وٺي ڏيندو. پ پ ايم پي اي تاج محمد ملاح چيو ته سال 2022 واري ٻوڏ لاڙ ۾ تباهي آندي، انهي ڪري  پاڻي جا پراڻا وهڪرا (ڍورا ) بحال ڪيا وڃن ته جيئن ٻوڏ وارو پاڻي شڪور ڍنڍ  پهچي. هن چيو ته ڍورا بحال ڪرڻ سان سنڌ جا ڪيترا شهر ٻڏڻ کان بچي ويندا.  اجلاس ۾ متحده توڙي پي ٽي آءِ ميمبرن سنڌ جي بجيٽ کي انگن اکرن جي هيراڦيري قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.