ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي عورتن ۽ مردن کي برابري وارا حق ڏيڻ، آٽزم متاثرن لاءِ خاص سينٽر قائم ڪرڻ وارا ٺهراءُ منظور ڪري ورتا، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي مان پ پ ميمبر فرخ شاهه جي استعيفا کانپوءِ سندس جاءِ تي ايم ڪيو ايم جي طحه احمد کي ميمبر مقرر ڪرڻ واري رٿ پاس ڪئي وئي. ڪالهه متحده ايم پي اي فرح سهيل جو عورتن ۽ مردن کي هڪجهڙا حق ڏيڻ وارو ٺهراءُ اتفاق سان منظور ڪيو ويو. ايوان ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر راشد خان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ بي ضابطگين بابت قرارداد پيش ڪئي، جنھن جي مخالفت ڪندي پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو تھ انھيءَ موضوع تي گهڻو ڪجهه ڳالهايو ويو آهي،  عدالت جي هدايتن تي ڪيتريون ئي شيون ڪيون پيون وڃن، انهي  ڪري انھيءَ تي وڌيڪ بحث نٿو ڪري سگهجي. جنهن بعد ايوان هن قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي عامر صديقي صوبي جي تعليمي معيار تي ڪميشن جي قيام بابت قرارداد پيش ڪئي، جنھن جي پارلياماني وزير مخالفت ڪئي، سندس موقف هو ته سنڌ ايجوڪيشن پاليسي ڪميشن اڳ ۾ ئي موجود آهي، اهڙي صورت ۾ وڌيڪ ڪميشن جي ضرورت ڇو آهي؟. سنڌ اسيمبلي ۾ ايم پي اي فوزيه حميد آٽزم سينٽر قائم ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي، جيڪا حڪومتي ميمبرن ۽ مخالف ڌر جي حمايت سان متفقه طور تي منظور ڪئي وئي، صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل چيو ته اسين آٽزم وارن ٻارن کي تربيت فراهم ڪندا آهيون،  انهن ٻارن کي پيشيوراڻي سکيا پڻ ڏئي سگهجي ٿي.  هن چيو ته  صوبي ۾ ڪو به ڪلينڪل نفسياتدان ناهي، اھا هڪ کوٽ آهي جنهن کي پورو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.  ڊاڪٽر عذرا چيو ته آٽزم جو شڪار ٻارن لاءِ هر ضلعي ۾ بحالي مرڪز قائم ڪيا ويندا، اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي هير سوهو سنڌ ۾ گيس جي بندش خلاف مهملي رٿ پيش ڪئي، انهي رٿ تي 24 جنوري تي 2 ڪلاڪ بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيوويو. بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي تي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

 ماروي فصيح ۽ طارق ٽالپر سان متحده ميمبرن جي ڏند چڪ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جوابن دوران پ پ ايم پي اي ماروي فصيح ۽ صوبائي وزير مير طارق ٽالپر سان ايم ڪيو ايم ميمبرن جي ڏند چڪ ٿي، سوالن جوابن جي وقفي دوران سماجي ڀلائي واري وزير طارق ٽالپر اطمينان جوڳو جواب نه ملڻ تي متحده پاران تنقيد ڪئي وئي، صوبائي وزير طارق ٽالپر چيو ته سندس کاتو سنڌ ۾ ڪيترائي سلائي ۽ فرائينگ سينٽر هلائي رهيو آهي،  مختلف شهرن ۾ بيوٽيشن ڪورس ڪرايا ويندا آهن،  مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته سنڌ جو وڏو وزير هميشه پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ مختلف کاتن لاءِ وڏي پيماني تي رقمن جو اعلان ڪندو آهي  پر اهي منصوبا ڪنهن به سال ۾ مڪمل نه ٿيندا آهن، وزير چيو آهي ته کيس وزير بڻجندي ڏهه مهينا ٿيا آهن،  ڇاانهي کان اڳ سنڌ ۾بي جي پي جي حڪومت هئي؟ جو وزير کي ڪابه خبر ناهي.

شاهراهه شهيد ڀٽو خلاف سوشل ميڊيا تي واويلا ٿئي پئي : سعيد غني

ڪراچي: مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني شاهراهه شهيد ذوالفقار  ڀٽو بابت پاليسي بيان ڏيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهو غلط پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن ته روڊ اڃا ٺهيو ئي ناهي ته ان جو افتتاح ڪيو ويو آهي؟ هن چيو ته شاهراهه شهيد ڀٽو جو پهريون فيز قيوم آباد کان شاهه فيصل ڪالوني تائين کوليو ويو آهي، روڊ جو باقي رهيل ڪم مارچ مهيني تائين مڪمل ٿي ويندوعوام ڪوڙين خبرن تي ڌيان نه ڏئي.