ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي قانون ساز اداري سنڌ اسيمبلي جي رڪارڊ جي ڇپائي وارن فنڊن ۾ 50 ڪروڙن جي گهپلن جو انڪشاف، معاملو اينٽي ڪرپشن کي اماڻڻ جي سفارش، ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي جي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند طرفان اسپيڪر کي لکيل نوٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 1985 کان 2023ع تائين سنڌ اسيمبلي جا 1784 ڏينهن اجلاس ٿيا، جن مان رڳو 400 ڏينهن جي اجلاسن ۾ ٿيندڙ تقريرن ۽ بحث مباحثن جو پرنٽ ۾ رڪارڊ موجود آهي، باقي 1384 ڏينهن جو رڪارڊ اڃا پينڊنگ ۾ پيل آهي، رڪارڊ جو ڪافي حصو گم پڻ ٿي ويو آهي. نوٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته سيڪريٽري هر اجلاس جي ڪارروائي جي رپورٽ تيار ڪرائي ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائڻ جو پابند آهي. نوٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته اسان جي آفيس آگسٽ ۾ ايوان جون رپورٽون سيڪريٽري آفيس ۾ جمع ڪرايون پر سيڪريٽري ڪو به قدم نه کنيو، نوٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ايم ايڇ ايم حسن شاهه ڪيترائي سال انچارج ايڊيشنل سيڪريٽري (ليجسليشن )رهيو پر هو آگسٽ جي ايوان جي ڪارروائي جي رڪارڊ جي نگراني ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، هن صوبي جي قانونسازي واري تاريخ کي برباد ڪيو، جيڪا مجرماڻي بدانتظامي ۽ غفلت آهي. نوٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڊي ڊي او محمد حبيب سميجو پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جي ملي ڀڳت سان پنهنجي پوسٽنگ دوران ايوان جي پرنٽنگ اينڊ پبليڪيشن بجيٽ مان 50 ڪروڙن جو غلط استعمال ڪيو، جيڪو ڏوهه جي ذمري ۾ اچي ٿو. نوٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ايم ايڇ ايم حسن شاهه کي بعد ۾ غيرقانوني طريقي سان ترقي ڏئي سينئر اسپيشل سيڪريٽري بڻايو ويو، نوٽ ۾ اسپيڪر کي سفارش ڪئي وئي ته ايم ايڇ ايم حسن شاهه ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ڊي ڊي او محمد حبيب سميجو کي معطل ڪري کين شوڪاز نوٽيس ڏنا وڃن، اهو معاملو اينٽي ڪرپشن کي اماڻيو وڃي ته جيئن ملوث آفيسرن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي سگھي، ايوان جي پينڊنگ ۾ پيل رڪارڊ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽيم جوڙي وڃي