سنڌ اسيمبلي جي گئلريءَ مان … ارسا ايڪٽ ۾ ترميم: اهو ‘ثواب’ به پ پ کٽڻ ٿي چاهي!

0
79
سنڌ اسيمبلي جي گئلريءَ مان ... ارسا ايڪٽ ۾ ترميم: اهو ‘ثواب’ به پ پ کٽڻ ٿي چاهي!

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ بابت هڪڙي وقت ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ان تي بحث ڪرائڻ جي گذارش ڪئي آهي. جڏهن سنڌ سميت پاڪستان ۾ تيز برساتن، دريائي وهڪرن ۾ چاڙھ ۽ امڪاني ٻوڏ جا ڏينهن آيا آهن، نثار احمد کهڙي پنهنجي رٿ ۾ چيو ته ارسا پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لا ٺهيل ادارو آهي، ان کي کوٽ به چئني صوبن ۾ برابر ورهائڻي آهي. يقينن نثار احمد کهڙي جي نيت تي ڪو شڪ نه ٿو ڪري سگهجي پر هن وقت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو معاملو اهم نه آهي، اصل مسئلو ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو آهي. سندس پارٽي جو سربراہه ۽ هن ملڪ جي صدر آصف علي زرداري ارسا ايڪٽ ۾ جيڪا ترميم ڪرائي آهي، ان سان ارسا جي نه رڳو خودمختيار حيثيت ختم ٿي رهي آهي پر سنڌ جي پاڻي جي چاٻي به هڪ اهڙو بيوروڪريٽ حوالي ٿيندي، جنهن جي مقرري وزير اعظم ڪندو ۽ اهو عهدو ڪنهن ‘رٽائرڊ’ صاحب جي حوالي ٿي سگهي ٿو. پوءِ اهو صاحب فيصلو ڪندو ته منگلا ۾ ڪيترو پاڻي ڇڏيو وڃي، تربيلا م ڪيترو پاڻي ڇڏيو وڃي، گڊو بئراج کان هيٺ سنڌ کي ڪيترو پاڻي ڏنو وڃي. حقيقت ۾ سنڌ اسميبلي ۾ ان معاملي تي بحث ٿيڻ گهرجي، پر ان موضوع تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ايندڙ جمعي تي گلا کولي اهي تقريرون ٿينديون، جنهن م ظاهري طور تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اسان سنڌ جا حڪمران ۽ چونڊيل نمائندا سنڌ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ميدان تي آهيون. پٺيان چپ چاپ ۾ اسلام آباد مان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرائي سنڌ جي پاڻي تي مستقل ڌاڙي جا اختيار ڏئي ڇڏبا. هتي تقريرن به پ پ پ جا چونڊيل نمائندا ڪندا ۽ اسلام آباد ۾ ارسا ايڪٽ م ترميم جو ظلم به سندن ئي سربراہه ڪندو.

سنڌ اسمبلي گئلريءَ ۾ موجود اڪثر صحافين جو چوڻ هو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ واري اهڙي رٿ هنن ٻوڏ جي ڏينهن ۾ هڪ منصوبي تحت سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي آهي. بهرحال ڏسون ٿا ته جمعي تي ڪهڙيون ٿيون تقريرون ٿين. سنڌ اسمبلي جي هن اجلاس ۾ اسيمبلي ڪيميائي مادن بابت قانون سازي جا پنهنجا اختيار تڙ تڪڙ مان اسيمبلي ميمبرن کي اٿاري بيهاري وفاق کي ڏئي ڇڏيا. اهو ‘خير جو ڪم’ ضياءُ لنجار معرفت ڪيو ويو، جنهن اجلاس هلندي تڪڙ ۾ هڪڙو ٺهرا آندو ته ڌماڪيدار مادن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪلز جي لائسنس جا اختيار 18هين ترميم تحت سنڌ سرڪار کي مليل آهن. اهي مادا ڇاڪاڻ ته دهشت گردي ۾ استعمال ٿا ٿين، ان ڪري اچانڪ نه رڳو ميمبرن کي اٿاري بيهاري ٺهراءُ تڪڙ ۾ پاس ڪرايو ويو پر منٽ اندر ان بابت قانون به پاس ڪرائي سنڌ جا اختيار وفاق کي ڏئي ڇڏيا. ڏٺو وڃي ته ان قسم جي ڪيميڪلز جي لائسنس جا اختيار سنڌ سرڪار وٽ هئا، جيڪي دوائن سميت رنگ ٺاهڻ ۽ ٻين ڪيترن ڪمن ۾ اچن ٿا. سنڌ جي ايڪسائيز واري کاتي کي انهن لائسنس مان اربين روپين جي آمدني ٿيندي آهي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اڳوڻي قانون واري وزير پير مظهر الحق جي بئريسٽر پٽ پير مجيب کي سنڌ اسيمبليءَ جي گهرو کاتي واري اسٽينڊنگ ڪميٽي مان نيڪائي ڏئي، ان جي جاءِ تي فريال ٽالپور جي سيڪريٽري ايم پي اي سعديه جاويد کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. حالانڪ گهرو کاتي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن پڻ فريال ٽالپور خود آهي. پ پ پ پ اندر جيڪا کچڻي پچي رهي آهي، ان جا عڪس به سنڌ اسيمبلي اندر ڏسڻ وٽان آهن. هڪ طرف فريال ٽالپور جي ڪري سعديه جاويد تي خاص مهرباني ٿي رهي هئي ته ٻئي طرف خورشيد شاهه جو ڀائيٽو اسپيڪر اويس قادر شاھ وري سعديه جاويد تي ايترو ڪاوڙيل نظر آيو، جو هن عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي سوالن جوابن دوران سعديه جاويد کي اجلاس ۾ ڳالهائڻ ئي نه ڏنو. نه رڳو سعديه جاويد کي ڳالهائڻ نه ڏنو پر مارئي راشدي پنهنجي جي وزير شاهينه شير علي جي حمايت ڪرڻ ٿي چاهي ته اسپيڪر ان جي مائيڪ بند ڪرائي اها به ڌمڪي ڏني ته آئون آئينده اوهان کي اجلاس ۾ ڳالهائڻ ئي نه ڏيندس.

اجلاس ۾ سنڌ اندر جڏهن بدامني بابت اهم سوال اٿاريا ويا ته گهرو وزير ضياءُ لنجار سنجيده جواب ڏيڻ بدران مورڳو اغوا ٿيندڙ ماڻهن تي ڇٿرون ڪيون ته اهي عورتن جي آواز تي هرکجي، سستي ٽريڪٽر جي لالچ ۾ اچي يا وري رشتا ڪرڻ لاءِ پاڻ وڃي ڌاڙيلن جي حوالي ٿين ٿا، پوليس ته ويچاري جان جوکي ۾ وجهي انهن کي بازياب ڪرائي ٿي، پر ماڻهو پاڻ ڇو ٿا وڃن؟

اسيمبلي جي هن اجلاس ۾ عورتن تي تشدد ۽ ان تشدد جي روڪٿام تي پڻ اهم گفتو ٿي. اسپيڪر اجلاس اڄ 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.