ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي ايڊمن سيڪشن مان ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سندس گھرڀاتين جو سروس رڪارڊ غائب هجڻ جو انڪشاف! ان سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڀروسي جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) طور مقرري دوران حبيب سميجو پنهنجو ۽ پنهنجن گھر ڀاتين جو سروس رڪارڊ غائب ڪري ڇڏيو هو، ان سلسلي ۾ سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند جو چوڻ آهي ته حبيب سميجو جو سروس وارو رڪارڊ هن وقت ايڊمن برانچ ۾ موجود ئي ناهي.