ڪراچي( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ٽيل وارو صوبو آهي، 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، سنڌ تي اثر پوندا، مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي اڪنامي، معاشي، ماحوليات خطرناڪ اثر پوندا، وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ پُڇڙي م آهي ۽ سنڌو درياهه تي پهريون حق سنڌ جو آهي پر هر مند ۾ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي ٿي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي وئي آهي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته هن وقت به سنڌ وڌيڪ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ڪئنال ٺهيا ته سنڌ وڏي متاثر ٿيندي