ڪراچي( رپورٽر ) سنڌ اسميبليءَ تڪراري ڪئنالن خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، سنڌ جي وڏي وزير تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اڪثريت راءِ سان منظور ٿي ويو، مراد علي شاهه جو چوڻ ته سنڌ ٽيل وارو صوبو آهي، 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، سنڌ تي اثر پوندا، مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي اڪنامي، معاشي، ماحوليات خطرناڪ اثر پوندا، وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ پُڇڙي م آهي ۽ سنڌو درياهه تي پهريون حق سنڌ جو آهي پر هر مند ۾ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي ٿي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي وئي آهي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته هن وقت به سنڌ وڌيڪ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ڪئنال ٺهيا ته سنڌ وڏي متاثر ٿيندي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪئنالن خلاف ٺهراءُ منظور ڪرڻ تي هو ايوان جو ٿورائتوآهي