ويلنٽائين جو ڏينهن دنيا ۾ محبت جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي، هن ڏينهن تي عاشق پنهنجي محبوب کي گلن جو تحفو ڏئي پنهنجي محبت جو اظهار ڪندو آهي،پوءِ ٻئي گڏجي پنهنجي محبت جي امرتا جو وچن ڪندا آهن،محبت ۾ گل فقط محبوب کي نٿو ڏئي سگهجي،گل فطرت جي تخليق جو اهو حصو آهن،جيڪي جنهن شخص آڏو پيش ڪبا ته هن جو چهرو چنڊ جيان چمڪي ويندو آهي،پر هن محبت جي ڏينهن تي آئون گل پنهنجي جياپي سنڌو درياهه کي ارپي پنهنجي امر محبت جو وچن ڪريان ٿو“ اي سنڌو درياهه تون سدائين انهي اوچي ڳاٽ سان وهندو رهين،تون پنهنجي پاڻي تي دنيا جي خوبصورت تهذيبن کي جنم ڏنو،تنهنجي ڪنارن تي هندومت جا پورت ويد لکيا ويا،تنهنجي ڪپن تي ڀٽائي سهڻي ۽ ميهر جي امر محبت کي پنهنجي من جي اکين سان ڏسي سر سهڻي ۾ ٻنهي جي محبت کي امر ڪري ڇڏيو،تنهنجو پاڻي جنهن پيتو اهو تاريخ ۾ مخدوم بلاول بڻجي ويو،جنهن گهاڻي جي عذاب کي پاڻي جي سرڪي سمجهي برادشت ڪيو،تون جنهن ڌرتي جي سيني مان لنگهين ٿو انهي جي ماڻهن ننگن جسمن سان گهمندڙن تي ڪپڙي جهڙي نعمت جي نوازش ڪئي،اها ڌرتي جنهن ڌارين جي للڪار پنهنجي سپوت پٽن جي دليري سان رد ڪئي،اها ڌرتي جنهن جا جوان هڪٻئي کي زنجيرون ٻڌي ميدان تي لٿا متان ڪو جوان دشمن جي اڪثريت ڏسي ميدان نه ڇڏي وڃي،اها ڌرتي جنهن ۾ سچل جهڙو ولي پيدا ٿيو، جنهن انتهاپسندي تي رد ڪندي فرقي واريت خلاف جنگ وڙهي،اها ڌرتي جنهن دنيا کي ٻڌايو ته امن ڇاکي چئبو آهي،اها ڌرتي جنهن هوشو جهڙي جوان کي جنم ڏنو،هوشو جي بهادري……… ڪير ڀلا جنگ دوران پنهنجي ئي زخمي ٻانهن ڪپي دشمنن سان وڙهي سگهي ٿو ڇا ؟ اها ڌرتي جنهن جي دلير پٽ دودي جي ڌيءُ شهزادي ڪوئل جو مڱيندي جڏهن علاءُ الدين جي لشڪر سان مقابلي ڪرڻ لاءِ وڃِي ٿو ته تڏهن هي محب وطن ۽ بهادر عورت کيس چئي ٿي ته ” پنهنجن جي غداري سبب اسان تي هي آزمائش جو وقت آيو آهي تنهنجي ديش دروهي پيءُ   جي قومي غداري هن ديش تي جيڪا آفت آندي آهي، اٿي ان کي مڙس ٿي منهن ڏي. جيڪڏهن جنگ ۾ سوڀارو ٿي موٽي آئين، تڏهن آءُ سرتين جي سٿ ۾ سرهي ٿينديس ۽ اگر ديش جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي وئين ، تڏهن ته آئون وڏي فخر سان اوچو ڳاٽ ڪري سڀني سرتين کي ميڙي چونديس ته ” ڏسو ڪيئن ته منهنجو مڱيندو جنگ جي ميدان ۾ سورهين وانگر سنڌ جي پاڪ ۽ پوتر ڌرتي مٿان قربان ٿيو آهي،اها ڌرتي جنهن جي عورت جو ڪردار مردن کان گهٽ ناهي، اها ڌرتي جنهن جي عورت جنگ جوڌن وانگر وڙهي آهي،اها ڌرتي جنهن جي عورت پنهنجي ٻچي کي وطن جي ڌڳن جي حفاظت جي گُهٽي ڏني آهي،“ اي سنڌو منهنجا جياپا تنهنجو پاڻي منهنجي لاءِ اوترو ئي پوتر آهي جيترو ماءُ جي ٿڃ” سنڌو تنهنجي پاڻي جي سرڪ به جنهن ڀري اهو امرتا ماڻي ويو، اي سنڌو تنهنجي ماڻهن جي توسان وفاداري جو تاريخ ۾ ڪو مثال ئي ناهي،هي لفظ آئون گلن جي صورت ۾ پنهنجي جياپي سنڌوهه جي نالي ڪريان ٿو جنهن جو پاڪ ۽ پوتر پاڻي پيءُ آئون جيان پيو.