حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد ڪمند جي پيڙهائي شروع ٿيڻ باوجود سرڪار پاران ڪمند جي اگهه جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪمند جي پيڙهائي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي پر سرڪار جي لاپرواهي سبب اگهه مقرر نه ٿيو آهي جنهن ڪري ملز مالڪ آبادگارن جو نقصان ڪري رهيا آهن. سنڌ آبادگار اتحاد جو هڪ اجلاس نواب زبير ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته ڪمند جي  ڪريشنگ جو عمل هڪ مهيني کان شروع آهي پر سرڪار جي سستي جي ڪري ڪمند جي سرڪاري سطح تي اگهه مقرر نه ڪيو ويو آهي. شگر ڪين ايڪٽ موجب ملون هلائڻ سان گڏ ڪمند جو سرڪاري سطح تي اگهه مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ چيو ويو ته مل مالڪ من پسند اگهه تي ڪمند خريد ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري آبادگارن کي نقصان ٿي رهيو آهي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪمند جو اگهه 450 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڙيسري ملڪ ۾ آبادگارن کي ڪمند جي في مڻ جو اگهه 450 رپيا ڏنو وڃي ٿو پر سنڌ ۾ ڪمند جي جنسن نالي ۾ وڏي پئماني تي اگهه ۾ ڪٽوتي ٿي رهي آهي ۽ اهو عمل آبادگارن سان ناانصافي جي برابر آهي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پاران 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته ڪئنال ٺاهڻ خلاف هاڻي پنجاب مان به آواز بلند ٿي رهيو آهي.