حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد وفاقي حڪومت پاران ارسا ايڪٽ 1991ع ۾ ترميم واري فيصلي کي رد ڪندي چتاءُ ڏنو آھي ته جيڪڏهن ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي ته سنڌ جا آبادگار احتجاج جو سلسلو شروع ڪندا. سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير ٽالپر، مير ظفر الله ٽالپر ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 1991ع جي پاڻي ٺاھه تحت ارسا ايڪٽ وجود ۾ آيل آهي.ان ايڪٽ تي سمورا صوبا متفق ٿيا پر ھاڻي وري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم تجويز ڪئي پئي وڃي جنھن سان صوبن ۽ وفاق وچ ۾ ٽڪراءَ پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي. ھنن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اختيار ارسا ۽ صوبن کان واپس وٺي فرد واحد يعني وزيراعظم حوالي ڪرڻ وارو فيصلو غير آئيني، غيرقانوني ۽ غير جمھوري هوندو. سنڌ جا آبادگار ارسا ايڪٽ ۾ ڪنھن به قسم جي ترميم کي قبول نه ڪندا.