ڪراچي:  سنڌ ڪابينا صوبي جي خراب روڊن جي مرمت /تعمير لاءِ 6 ارب 63 ڪروڙ، آءِ بي اي سکر ذريعي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ لاءِ 232.14 ملين ۽ سنڌ جاب پورٽل لاءِ 232.14 ملين رپيا منظور ڪري ڇڏيا، اي-اسٽيمپنگ جا انتظام 6 مهينن بعد آءِ ٽي کاتي حوالي ڪرڻ ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ فيڪلٽي ميمبرن جي ڪانٽريڪٽ ۾ 6 مهيني واڌ ڪري ڇڏي

ڪالهه وزيراعليٰ مراد شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ توانائي واري وزير ناصر شاهه جي سربراهي ۾ ڪابينا جي ذيلي ڪاميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي

اجلاس ۾ لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سرپلس پول ۾ موڪليل ملازمن جي پگھارن ۽ ٻين بقايائن جي ادائگي لاءِ 81.9 ملين رپيا منظور ڪيا ويا ڪابينا ڄامشورو اليڪٽرڪ پروگرام لاءِ 68.043 ملين ۽ فريئر هال ۾ ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ لاءِ 40 لک رپين جي منظوري ڏني. اجلاس ۾تازين برساتن ۾ تباهه ٿيل 8 روڊن جي بحاليءَ لاءِ 6.63 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي

انهن روڊن ۾ 9/1 کان 3 ڪلوميٽر جوهي کان ڇني روڊ، 5 ڪلوميٽر جوهي روڊ، واهي پانڌي کان گولو فقير روڊ، 9 ڪلوميٽر بيڊ کان ميان نصير محمد ڪلهوڙو روڊ (ضلع دادو )، 27 ڪلوميٽر چمبڙ کان ميرواهه  وايا سنجر چانگ روڊ، 17.6 ڪلوميٽر ٽنڊوالهيار روڊ، ٽنڊو آدم- شهدادپور روڊ ضلع سانگهڙ، 51 ڪلوميٽر جھرڪ ملاڪاتيار روڊ کان نوري آباد جھمپير فلاءِ اوور برج، ٽي ڪلوميٽر سجاول سٽي ڪيريج وي ۽ سانگهڙ چوٽياري روڊ سميت چوٽياري ڊيم اپروچ شامل آهن

اجلاس ۾ سنڌ جاب پورٽل (SJP) قائم ڪرڻ لاءِ آءِ بي اي سکر جي تعاون سان تيار ڪيل سنڌ انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي تجويز جي منظوري ڏني وئي، اهو سينٽرلائيزڊ آن لائين پليٽ فارم صوبائي سرڪاري نوڪرين جي ڀرتي لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو موجوده مينوئل پراسيس ۾ موجود خامين کي ختم ڪندو

سنڌ جاب پورٽل گريڊ 1 کان 15 جي پوسٽن لاءِ درخواستن کي محفوظ ۽ صارف دوست سسٽم فراهم ڪندو. پورٽل ۾ آٽو ايپليڪيشن جمع ڪرائڻ، ٽريڪنگ جي صلاحيتون ۽ ريئل ٽائيم ڊيٽا اينالائيٽڪس شامل هوندا ڪابينا کي اي-اسٽيمپنگ بابت ٻڌايو ويو ته سنڌ بورڊ آف روينيو ۽ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (PITB)  وچ ۾ اي-اسٽيمپنگ سسٽم تي عملدرآمد، آپريشن ۽ سار سنڀال لاءِ سروس ليول جو معاهدو ٿيو آهي. اهو معاهدو ٽن سالن لاءِ 4 آڪٽوبر 2021 کان 3 آڪٽوبر 2024 تائين هو، جنهن لاءِ 48 ملين رپيا  سالياني سروس چارج ادا ڪرڻ پوندي ڪابينا پي آءِ ٽي بي جي سروس جو مدو وڌيڪ 6 مهينن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن دوران صوبائي انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتو اي-اسٽيمپنگ سسٽم کي هلائڻ جي صلاحيت وڌائڻ تي ڪم ڪندو.