ڪراچي: سنڌ۾ وڌيڪ 99 ڪامورن جون بدليون، ناڻي کاتي جي اختيارين پاران 21 ضلعن جي اڪائونٽس آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  حيدرآباد جي 17هين گريڊ جي اڪائونٽنٽ رضوان صديقي کي مٽياري، اعجاز راهپوٽو کي ٺٽو، سرفراز مگسي کي سجاول، ظهير لاڙڪ کي عمرڪوٽ کان ميرپورخاص، امان الله جمالي کي سانگھڙ مان دادو، سجاد سومرو کي خيرپور مان گھوٽڪي، صائقه امداد منگي کي خيرپور مان سکر، علي حسن ميمڻ کي ٽنڊومحمد خان مان شهيد بينظيرآباد، عاصم اشرف ميمڻ کي ٽنڊومحمد خان کان لاڙڪاڻي بدلي ڪيو ويو آهي، آدم راهپوٽو کي نوشهري فيروز کان جيڪب آباد، ياسر چنا کي لاڙڪاڻي کان شڪارپور، قاسم راهپوٽو  ۽ شاهنواز راهپوٽو کي دادو کان ڪشمور، محمد ڪامل مورو کي ميرپورخاص کان حيدرآباد، مجتبيٰ ڪريم ميمڻ کي ميرپورخاص کان بدين، نويد مجيد کي ڄامشوري کان خيرپور، قادر ميمڻ کي ڄامشوري کان حيدرآباد، ممتاز مگسي کي مٽياري کان حيدرآباد، پير بخش رند کي شهيد بينظيرآباد کان خيرپور ۽ عمران برهماڻي کي شهيد بينظيرآباد کان ٽنڊو محمد خان بدلي ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت 19هين گريڊ جي وڌيڪ 3 آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون آهن، بورڊ آف روينيو جي آءِ جي رجسٽرار ذوالفقار خشڪ کي توانائي کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل نصرالله عباسي کي بورڊ آف روينيو ۾ آءِ جي رجسٽرار مقرر ڪيو ويو، ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري عبدالعلي ڀٽي جي 19هين گريڊ ۾ ترقي بعد ساڳئي کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هوڏانهن تازو سيڪشن آفيسر طور ريگيولر ترقي ماڻيندڙ 75 آفيسرن جون مختلف کاتن ۾ سيڪشن آفيسر طور مقرريون ان حوالي سان سروسز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رضوان قريشي کي سروسز کاتي ۾ ايس او ليگل، حبيب الرحمان کي ورڪس ، ڀورل جوڻيجو کي فنانس، نور احمد کهڙو کي اسڪول ايجوڪيشن، قاسم عباسي کي قانون واري کاتي ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، عيسيٰ جمالي کي آءِ ٽي،  ريحان بگٽي کي مائنز اينڊ منرل، اڪبر ٽڳڙ کي اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. حفيظ ڪلهوڙو کي اينٽِي ڪرپشن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي،