سنڌڙي(ن پ ا) ڀاڻ سرڪاري اگھه بدران بليڪ تي وڪرو ٿيڻ جي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي عبدالغفار لاکير جو سنڌڙي لڳ ڳوٺ دين محمد جوڻيجو ۾ ڀاڻ جي دڪان تي ڇاپو هڻي ٻن ٽرالرن ذريعي ھٿ آيل ڀاڻ جون ٻه هزار ٻوريون هٿ ڪري رامن مل جي مارڪيٽ ۾ ويٺل سيٺ بسومل ۽ سُکديو مل جي دڪانن کي سيل ڪري ڇڏيو آھي، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي عبدالغفار لاکير صحافين کي ٻڌايو ته دڪاندارن بسومل ۽ سُکديو جو دڪان سيل ڪيو آهي، ھنن اسٽامپ پيپر تي لکي ڏنو آهي اسان ڀاڻ مختلف ڊيلرن کان ورتو آهي هنن لسٽ به ڏني آهي، جنهن جي جانچ ڪريون پيا انهن جو ڏنل اسٽامپ پيپر ڪوڙو نڪتو ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي  ۽ سمورو ڀاڻ سرڪاري ريٽ تي وڪرو ڪيو ويندو بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڊيلر ۽ دڪاندار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي طرف دڪاندار بسو مل جو چوڻ آهي ته اسان ڀاڻ مختلف ڊيلرن کان اضافي قميت تي خريد ڪيو آهي جيڪو اسان کي سرڪاري ريٽ لسٽ کان وڌيڪ قيمت تي مليو آھي، اسين ڀاڻ وڪرو نه ڪندا آھيون اسان وٽ پهتل سمورو ڀاڻ سرڪاري اگھ تي وڪرو ڪيو آھي جنهن جو مڪمل رڪارڊ اسان وٽ موجود آھي