ميرپورخاص/سنڌڙي (بيورو رپورٽ+ن پ ا) مٺڙائو ڪئنال جي دوسو شاخ مان نڪرندڙ نئين فيڊر خلاف دوسو ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڦلھڏيون جي سچل سائين پمپ کان ٽريڪٽر ٽرالين، ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن ۽ چنگچي رڪشن تي سوين آبادگار ريلي ڪڍي سنڌڙي چوڪ تي پھتا، جتان کان سنڌڙي پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي يوسي چيرمين ڦلھڏيون بابو لڇمڻ مالھي، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي جمن مري، رفيق سومرو، نصير خان مري، حبيب شر، نادر مري، سلام گل شر، علي بخش مھر، زوھيب مري، معشوق ڀنڀرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته دوسو شاخ تي 75 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آھي، جنهنه ڪري ڦلھڏيون، دولت آباد، گرھوڙ شريف ۾ پئيڻ جي پاڻي جو به وڏو مسئلو آھي، نئون فيڊر نڪتو ته 45 واٽر ڪورس جي 25 کان 35 ھزار ڪمانڊ ايريا متاثر ٿيندي، ھنن الزام ھنيو ته آبپاشي کاتي جو اڳوڻو چيف انجنيئر سعيد جاگيراڻي بااثر ڪامورو ھجڻ ڪري اسان جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش پيو ڪري، جنھن کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا، اسان جي تحريڪ زور وٺندي اسان شٽربند ھڙتالون ۽ بک ھڙتالون به ڪنداسين جيڪڏھن اسان سان ناجائزي ٿي ته پوءِ عدالت ۾ به وينداسين، ٻئي طرف اڳوڻي چيف انجنيئر ۽ نئون فيڊر منظور ڪرائيندڙ سعيد جاگيراڻي پنھنجو مؤقف ڏيندي  چيو ته دوسو شاخ تي منهنجي به زمين آھي، مون ڪوشش ڪري شاخ به پڪي ڪرائي آھي، دوسو شاخ پڪي ٿيڻ کان اڳ ۾ شاخ ھميشه سڪل ھوندي هئي ۽ واري اڏامندي هئي، جتي هاڻي مڪمل آبادي ٿئي ٿي، نئون واٽر ڪورس قانوني طريقي سان وزيراعلٰى سنڌ کان منظور ٿيل  آھي، جيڪو سرڪاري روڊ جي  پاسي  مان سرڪاري زمين مان وهندڙ آھي ۽ روڊ جي کاتي  مان  منظور ٿيل آھي،  جڏھن ته روڊ جي ٻئي  پاسي  به هڪ واٽر منظور ٿيل آھي، اصل ۾ احتجاج ڪندڙ پاڻ  پاڻي جا وڏا چور آھن، جيڪي هر هڪ واٽرڪورس تي چار چار هوائي پائيپ هڻي پاڻي چوري ڪندا رهن ٿا، جيڪي پڇڙي کي سڪائڻ جا زميوار آھن، جن تي  ڦلهڏيون  ٿاڻي تي لاتعداد پاڻي چوري جا ڪيس داخل ٿيل آھن، انهن پاڻي چورن جي ٽولي کي خطروآھي ته منهنجي اچڻ سان انهن جي چوري بند ٿي ويندي، مان انهن سڀني جي اصلي آبادي جا انگ اکر ۽ چوري جي پاڻي تي ٿيل آبادي جا  انگ اکر پيش ڪندس،  جيڪي ڏھن سالن کان  ڪوبه آبيانو وغير به جمع ڪونه ٿا ڪرائن.