سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ۾ بزرگ محمد شاھ غازي جو 107ساليانو عرس جو ميلو جاري آهي، جنھن ۾ ٽئين ملاکڙي ۾ ملھه جا دلچسپ مقابلا ٿيا، ملھه جي مقابلن ۾ ڀاڳيو خان شر، امتياز مري کي، بالم ڀيل پسند علي مري علي ٻئي ملهون ماري داد حاصل ڪيو، جڏهن ته جنگي بگٽي، بابو بروهي، لطيف شر ۽ ٻيا ملھه پهلوان پڻ سوڀارا ٿيا. جڏهن ته آخر ۾ غالب علي جوڻيجو، راشد علي جوڻيجو، دريز غون علي جوڻيجو، نبن خان شر، جبران قريشي ۽ ٻين کٽيندڙ ملھه پهلوانن ۾ روڪ انعام پڻ ورھيا.