سنڌڙي(رپورٽ: اسد شر) سنڌڙي ڦلھڏيون ڀرسان مٺڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ دوسو شاخ کي منٺار ڀڏو وٽان 100 فوٽ گھارو، سوين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽي جو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو، 4 ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا، متاثر ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري ويا، آبپاشي وارن صرف شاخ بند ڪري بار لاٿو، متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل، پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن ۾ رحم علي شر، حاميد شر، جئيرام ڀيو، آسن ڀيو، آصب ڀيو، غلام رسول شر، محمد شر، الياس شر، رمضان شر، بلاول شر، جانو شر جا گھر ٻڏي ويا، جڏھن ته اڳوڻو ضلعي ڪائونسلر ميرپورخاص نديم مري، صديق مري، نورو شر، علي حسن مري، دائم شر، سائين ڏنو شر سميت ٻين جو 100 ايڪڙ کان مٿي ڦٽي جو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو، ان موقعي تي متاثر زميندار دائم شر چيو ته فصلن تي وڏو خرچ ڪيو گذريل سال به فصل نه ٿيا ھاڻ به قرض کڻي فصل پوکيو، جيڪو ٻڏي ويو، سرڪار مدد ڪري ۽ گھارو بند ڪرڻ لاءِ مشينري موڪلي، ھوڏانھن لڏپلاڻ ڪري مٿائين تي ويٺل حامد شر چيو واٽر ڪورس مان پاڻي چوري ڪرڻ سبب گھارو پيو آھي جنھن سبب اسان جو نقصان ٿيو آھي، ٻي طرف مٺڙائو ڪئنال نڪرندڙ سعيدڪي شاخ کي 4 ھنڌن تي گھارا پئجي ويا، جڏھن ته لائينگ جا بلاڪ لڙھي ويا، جن ۾ شھمير واٽر ڪورس، 9 ايل واٽر ڪورس، 10 ۽ 11 واٽر ڪورس وٽان 4 ھنڌن تان گھارا پئجي ويا، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارن تي ضابطو آندو.