سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ ڏاتو شر واسي 12ورھين جي نينگر سرور پٽ علي گوھر شر ايڊز ۾ مبتلا ٿي ويو، نينگر جي وارث دلدار شر ٻڌايو ته حيدرآباد جي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن نينگر سرور جي ايڊز جي تصديق ڪندي نوابشاھه وڃڻ جي صلاح ڏني، ھنن چيو ته سول اسپتال ميرپورخاص وارا علاج نه ٿا ڪن، نينگر سڄي رات رڙيون ڪري ٿو، پيءُ ھاري آهي، پئسا نه هئڻ ڪري علاج نه ڪرايو، ھوڏانھن اھڙي رپورٽ ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد سول اسپتال ميرپورخاص انتظاميا نينگر کي گھرائي ورتو.