سنڌڙي(ن پ ا) ھنڱورنو لڳ پرائمري اسڪول عرس خاصخيلي جي استاد پاران پھرين ڪلاس جي شاگرد سان مبينا زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي، پھرين ڪلاس جي شاگرد ڀٽو پٽ مير محمد خاصخيلي سان پڙھائي دوران باٿ روم ۾ استاد تي ڏاڍي ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي، شاگرد ڀٽو خاصخيلي الزام ھنيو ته مونکي استاد علي گل خاصخيلي چيو ته پاڻي جي بالٽي باٿ روم ۾ کڻي ھل اتي ھن مونسان ڏاڍي جي ڪوشش ڪندي منھنجي ڳلن تي ھٿ گھمايا، فحش حرڪتون ڪيون رڙين تي آئون روئيندي گھر ھليو ويس. الزام ھيٺ آيل استاد علي گل خاصخيلي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاگرد جو پيءُ منھنجو ھاري ھو قرض گھرڻ تي ڪوڙو الزام ھنيو آھي، مون ڇوڪري کي ڊپ ڏنو ته پئسا تنھنجي پيءُ نه ڏنا ته توکي رسي سان ٻڌندس جنھن بعد ڇوڪري جي مائٽ اسڪول تي اچي مون کي حراسان ڪيو حملي جي ڪوشش ڪئي.