سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي ٿاڻي جي حد ديھ ولواري ۾ بااثرن اسلم پھوڙ، گل حسن پھوڙ ۽ ٻين پاران مقاطعي تي ڏنل زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف سونو جاٽ، پرتاب جاٽ، جيٺو جاٽ ۽ ٻين پريس ڪلب سنڌڙي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته بااثرن اسلم پھوڙ ۽ ٻين اسان کي زمين  10 سال مقاطعي تي ڏئي هاڻي اسان کي حراسان ڪري ڏوهاري ماڻھون گھرائي هٿيارن جي زور تي اسان کان زمين کسي ڦٻائڻ چاهين ٿا، اسان اهڙيون دانھون ٽائون چيئرمين ڊاڪٽر رخسانه شر کي ڏنيون جنھن فيصلي جون ڳالھيون هُن ڌر سان ڪيون، پر هو بااثر ڌر هئڻ ڪري فيصلي ڪرڻ کان انڪار ڪندي الٽو الزام هڻي رهيا آھن، هنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي مقاطعي تي ورتل زمين جي مدت پوري ڪرائي ڏني وڃي.