سنڌڙي ڀرسان چانهه ڪمپني جي سيلز مين کان 11 لک رپيا ڦر، مزاحمت تي گوليون هڻي قتل

0
25
سنڌڙي ڀرسان چانهه ڪمپني جي سيلز مين کان 11 لک رپيا ڦر، مزاحمت تي گوليون هڻي قتل
سنڌڙي ڀرسان چانهه ڪمپني جي سيلز مين کان 11 لک رپيا ڦر، مزاحمت تي گوليون هڻي قتل

سنڌڙي(رپورٽ: اسد شر) سنڌڙي ڀرسان چانهه ڪمپني جي سيلز مين کان 11 لک رپيا ڦر، مزاحمت تي گوليون هڻي قتل خبر موجب سنڌڙي لڳ دلبر مھر ٿاڻي جي حد ڪاٺڙي ڀرسان مين ميرپورخاص سنڌڙي روڊ تي نامعلوم ھٿياربندن موٽرسائيڪل تي سوار 50 ورھين جي سليم انور نالي شخص کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اتي موجود ماڻهن موجب گوليون لڳڻ کانپوءِ سليم انور اڌ ڪلاڪ تائين روڊ تي تڙپندو رھيو، دلبر مھر پوليس ۽ 1122 ريسڪيو سروس کي ڳوٺاڻن پاران اطلاع ڏيڻ جي باوجود هو وقت تي نه پھتا، جڏهن ته گوليون لڳڻ ڪري تڙپندڙ شخص گهڻو رت وهڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، ڪلاڪ بعد دلبر مھر پوليس وقت وڃائي واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ مسلسل 1122 ريسڪيو سروس کي اطلاع ڏيڻ باوجود نه پھتي ۽ آخرڪار پوليس لاش پوليس موبائيل ۾ وجھي اسپتال منتقل ڪيو، وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته سليم انور هڪ چانھه ڪمپني جو سيلز مين هو ۽ ميرپورخاص جي علائقي نيو ٽائون جو رهواسي هو، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او دلبر مھر سنجي ڪمار ٻڌايو ته نجي چانھه ڪمپني جو سليز مين سليم انور ھنڱورنو کان سيل ڪري واپس وڃي رھيو ھو ته فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو، باقي لک روپيا کان وڌيڪ ڪيش رقم ھن وٽان نڪتي آھي، ڦر ھجي ھا ته پئسا ڦري وڃن ھا، واقعو ڦر جو آھي يا ذاتي دشمني جو آھي، ان جي جانچ ڪيون پيا، مقتول سليم انور شيخ جي سالي اياز اجميري صحافين کي چيو ته سڌي سنئين ڦر جي واردات آھي، منھنجي ڀڻيوي کان اڳ ۾ به ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي، مخبري ڪئي وئي ته پئسا کنيو پيو اچي، ان بعد کيس روزي جي حالت ۾ گوليون ھنيون ويون، جن مان ھڪ گولي سندس ڪنڌ مان آرپار ٿي وئي، ھن چيو ته جوابدار پوليس جي اڃان تائين پڪڙ ۾ ناھن آيا، جن کي گرفتار ڪيو وڃي، ھوڏانھن ذريعن موجب 11  لک روپين جي ڦر ڪئي وئي آھي، جنھن مان ھڪ لک ڦرڻ کان رھجي ويو، جيڪي موقع واردات تي ڇڏي ڀڃي ويا.