سنڌڙي: سنڌڙي ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، نوجوان فوت، ميرپورخاص روڊ تي ٿيل حادثي ۾ رڪشا ڊرائيور 24 ورهين جو ساجن ڀيل ٿڏي تي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، فوتي جو مڙهه سامارو شاخ جي ڳوٺ جانو مري ۾ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.