سنڌڙي(ن پ ا) ديھ 122 جي ڳوٺ محمد وارث ناريجو ۾ ڀيل برادري جي گھرن کي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ 21 گھر جن ۾ فقيرو ڀيل، عجب ڀيل، گلو ڀيل، مقيو ڀيل، سومار ڀيل، ھيرو ڀيل، لالو ڀيل، دادو ڀيل، کيمون ڀيل، منو ڀيل، گورکو ڀيل، ڪانجي ڀيل سميت 21 گھر سڙي رک ٿي ويا. گھرن ۾ بيٺل 05 ٻڪريون سڙي ويون جڏھن ته زيورات روڪ رقم سميت الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو، فائير برگيڊ وقت تي نه پھچڻ سبب ڪيترو ئي نقصان ٿيو، گھر سڙي وڃڻ ڪري ڳوٺاڻا کلي آسمان ھيٺ ويٺل، متاثر ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان جو ڪيترو ئي نقصان ٿيو آھي چوپايو مال سڙي ويو آھي، ڪجهه چوپائي مال کي بچايو ويو آھي جڏھن ته سمورا گھر سڙي ويا آھن، باھ اسان پنھنجي مدد پاڻ وسائي آھي وس وارا اسان جي مدد ڪن.