سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي لڳ 78 موري ڀرسان باغ رستي وٽ عبدالغفور ٻرڙو، روشن علي، سڄڻ، عبدالستار، لعل محمد ٻرڙو جي گھرن کي سولر مان باهه لڳي وئي، باهه سبب چوپايو مال جا 2 ٻڪر، 2 گاباھڪ پاڏو سڙي مري ويو، نياڻين جو ڏاج، 45 مڻ ڪڻڪ، روڪ رقم سڙي وئي، پاڻي نه ھُئڻ ڪري باھه تي ضابطو نه اچي سگھيو، متاثرن وس وارن کان مالي مدد جي گھر ڪئي آھي.