سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي لڳ چلهه جي چڻنگ پورهتين جا 30 گهر ساڙي ڇڏيا رپورٽ موجب سنڌڙي جي علائقي ساماروشاخ ڀرسان ڳوٺ عبدالله راڄڙ ۾ پورهيتن جي گھرن کي چلھه جي چڻنگ مان باھه وڪوڙي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ گھر سڙي رک ٿي ويا، سڙي ويل گھرن ۾ گڻيسو، ڪيول، سانوڻ، خميسو، ھوتو، تلوڪو، هيرو، ارجڻ، عظيم ۽ گمانو ڀيل سميت 30 کان مٿي پورهتين جا گھر سڙي خاڪ جو ڍير ٿي ويا، گھرن ۾ پيل اناج، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سمورو سامان سميت الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو، اطلاع باوجود فائر برگيڊ پھچي نه سگھي، جنھن ڪري ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا، پر باھه شعلا ايترا ته خطرناڪ ۽ ڀيانڪ هئا جو ڪير ويجهو وڃڻ جي جرعت نه ڪري سگهيو، جنهن ڪري پورهتين جا گهر مڪمل طور تي سڙي خاڪ جو ڍير ٿي ويا، باهه متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن، جن وس وارن کي واھر جي اپيل ڪئي آھي.
ڪينجهر لڳ چلهه جي چڻنگ پورهيتن جا 2 گهر ساڙي ڇڏيا
ٺٽو (رپورٽر ) ڪينجهر لڳ باھه لڳڻ سبب ٻن پورهيتن جا گھر ۽ انهن ۾ پيل سمورو الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪينجهر ويجھو علي بحر لڳ ڳوٺ طاهر ٻارچ ۾ هتان جي رهواسي ٻن پورهيتن ابراهيم ٻارچ ۽ غلام مصطفيٰ ٻارچ جي گھرن کي گھر جي چلھه مان اٿندڙ چڻنگ سبب اوچتو باھه وڪوڙي ورتو، باھه سبب گھر ۽ انهن ۾ پيل اناج، بسترا، روڪ رقم ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل باھه متاثر خاندانن پاران ضلعي انتظاميه ۽ ٻين وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي وئي آهي.