سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي ٿاڻي جي سامارو موري لڳ ڳوٺ ممتاز مري ۾ پورھيتن جي گهرن ۾ نامعلوم هٿاربند داخل، عورتن مردن کي يرغمال بڻائي تشدد، عورتن جي تذليل، پاتل سونا زيور لاهي ۽ 5 ٻڪريون ڪاهي ويا، متاثر خاندان جي مردن عورتن ڪيسرو ڪولهي، نارو ڪولهي، مولچند، سيتاٻائي ۽ سمجهو ٻائي جو ظلم ۽ زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ زميندار منٺار مري ۽ خيرمحمد مري چيو ته علائقي جا منشيات فروش جيڪي منشيات جي ڪاروبار سميت چوريون ۽ ڦرون ڪن ٿا اسان غريب هارين جي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن جي تذليل ڪري سندن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي آھي. مظلومن سان انصاف ڪري ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.