سنڌڙي(ن پ ا) نئون آباد جي ڳوٺ الهبچايو نظاماڻي کان مزدوري بهاني آڻيندڙ نوجوان معشوق علي ولد عثمان بگٽي کي جان محمد بگٽي، مصري بگٽي ۽ هڪ نامعلوم شخص سنڌڙي ٿاڻي جي حد مٺڙائو ڪئنال جي ڏهروڙو موري ڀرسان ڪھاڙيون هڻي مرڻينگ حالت ۾ مٺڙائو ڪئنال اڇلائي ڇڏيو، مٺڙائو ڪئنال مان پاڻي گهٽ هئڻ ڪري زخمي نوجوان وڻ جو سهارو وٺي رڙيون ڪيون ته کيس واٽهڙن ڏسي کيس زخمي حالت ۾ ڪئنال مان ڪڍي سنڌڙي پوليس کي اطلاع ڏنو، سنڌڙي پوليس واقعي واري هنڌ زخمي نوجوان کي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو جتي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.  پوليس موجب زخمي نوجوان جو چوڻ هو ته مون کي مزدوري بهاني جان محمد بگٽي ۽ مصري بگٽي ۽ هڪ ٻيو نوجوان وٺي آيا ۽ زخمي ڪري واھه ۾ اڇلائي ڇڏيو ، سنڌڙي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو نوجوان جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ جو چئي ويا آهن، جيئن ئي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.