سنڌڙي لڳ ارڙي سبب 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ جو نوٽيس، ويڪسينيٽر معطل

0
18
سنڌڙي لڳ ارڙي سبب 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ جو نوٽيس، ويڪسينيٽر معطل
سنڌڙي لڳ ارڙي سبب 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ جو نوٽيس، ويڪسينيٽر معطل

ميرپورخاص/سنڌڙي (بيورو+ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ طارق جلال راڄڙ ۾ اُرڙي وگھي 3 ٻارن جي فوت ٿيڻ ۽ وڏي انگ ۾ ٻارن جي اُرڙي ۾ ورتل هجڻ ۽ متاثر ڳوٺاڻن پاران ميڊيڪل ٽيم موڪلڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ واري “ٽائيم نيوز” ۽ پنهنجي اخبار جي خبرن جو ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص نوٽيس وٺندي صحت کاتي جي اختيارين کي فوري طور ڳوٺ ۾ ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪري ٻارن جي فوت ٿيڻ جي رپورٽ طلب ڪرڻ بعد صحت کاتو ميرپورخاص به ننڊ مان جاڳي پيو آهي، صحت کاتي جي ڪامورن جي نااهلي سبب اُرڙي وبائي صورت اختيار ڪري وئي، جنھن سبب 2 ورھين جو راجوير، 6 ورھين جي دُرڳا فوت ٿي وئي، جڏھن ته 5 ڏينھن اڳ 6 ورھين جو منيش فوت ٿي چڪو آھي، جڏھن ته 5 ورھين جي روشني سول اسپتال حيدرآباد ۾ سريس حالت ھجڻ جون ”ٽائيم نيوز“ تي خبرون نشر ٿيڻ ۽ ڊي سي جي نوٽيس وٺڻ بعد صحت کاتي ۾ ٿرٿلو متل آهي، صحت کاتي پاران پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ميرپورخاص يونين ڪائونسل هنڱورنو جي ويڪسينيٽر معيز الرحمٰن ھاليپوٽو کي معطل ڪندي کيس شوڪاز جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي سي جي هدايتن تي ڊسٽرڪٽ هليٿ آفيسر ليٽر جاري ڪندي ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، ڊاڪٽر بينظير لغاري، ڊاڪٽر عبدالطيف مري، ايڇ اِي او روزينا، اي ڊي ايس سي  وي افتخار علي ۽ ٽي ايس وي محمد اسلم شر تي ٽيم جوڙي  متاثر ڳوٺ ۾ ڪئمپ قائم ڪرڻ ۽ ٻارن جي فوت ٿيڻ جي سببن سميت ٽيسٽون ڪرڻ جو هدايتون جاري ڪيو آهن، ٻارن جي فوت ٿيڻ جي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر امجد اعظم چيو ته لاڳاپيل ڳوٺ ۾ ارڙي جي ويڪسين ڪئي وئي هئي، ان علائقي ۾ ويڪسين ڪندڙ ويڪسينيٽر کي ڪوتاهي ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو آهي، معاملي جي جاچ ڪيون پيا، جنهن به ڊاڪٽر يا عملي جي ڪوتاهي ثابت ٿي، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته متاثر ڳوٺ ۾ علاج لاءِ ٽيم موڪلي وئي آهي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ به اڄ کان ارڙي جي ويڪسين شروع ڪئي پئي وڃي ته جيئن ٻارن کي ارڙي کان بچائي سگھجي، ڳوٺ جي چڱي مڙس طارق جلال راڄڙ ٻڌايو ته منھنجي ڳوٺ ۾ 8 مھينن کان ويڪسين نه ٿيڻ ڪري 3 ٻار فوت ٿيا آھن ۽ ھڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، 8 مھينن کان ويڪسين نه ٿيڻ جو اعتراف خود ويڪسينٽر ڪيو آھي.