اھا وڏي خوشيءَ جي ڳالھ آھي ته اسان وٽ گھڻي وقت کان ڪافي سنڌي چينل ھلي رھيا آھن ۽ سڀني ٽي وي چينلن وٽ مارننگ شوز ڪرڻ جو به رواج پيل آھي جنھن ۾ روزانو ھو مختلف مھمانن کي گھرائي ٻن ڪلاڪن جا انٽرويوز ڪن ٿا. پر وڏي عرصي کان جيئن ته اھي سڀئي پروگرام گھڻي قدر ھڪ ئي طرز تي ھلي رھيا آھن، تنھنڪري بوريت جو شڪار بڻجي چڪا آھن. تازو منھنجي ملاقات سينيئر صحافي صادق جعفري سان ٿي، ھن ڪچھري ۾ ٻڌايو ته مارننگ شوز ۾ اوھان کي ھميشه ڪجھ نه ڪجھ تبديليون آڻڻ گھرجن. مارننگ شوز کي معياري ڪيئن ٿو بڻائي سگھجي؟ ان سوال تي چينل، پروڊيوسر ۽ ميزبان کي ضرور سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي.
ھڪ تجويز ته اھا آھي ته انھن ٻن ڪلاڪن اندر فقط مھمانن جا انٽرويوز نه ھجن پر مختلف سلسلا شروع ڪرڻ گھرجن. مثال ڪو نئون ٽيلنٽ ڳولي اچو، ڪو اڳواٽ رڪارڊ ٿيل سلسلو ھجي، ڪتابن جو تعارف ٿي سگھي ٿو وغيرہ. ٿوري ئي وقت ۾ خبر پئجي ويندي ته ڪھڙو سلسلو مقبوليت پيو ماڻي. مان ھڪ اردو ٽي وي چينل تي ويس ته ھو روز جي ڪرنٽ افيئرس جي مناسبت سان مھمان گھرائي انھن موضوعن بابت ڪمينٽس پيا وٺن، جيڪا آئيڊيا مونکي ڏاڍي سٺي لڳي.
اسان وٽ سنڌي چينلن تي جيڪي پروگرام ڪيا ويندا آھن انھن پروگرامن جي ھڪ ٿيم يا موضوع ھجڻ گھرجي. مثال طور تعليم، صحت، ادب، شاعري، فلم، سنگيت وغيرہ پر اڪثر ڏٺو ويو آھي ته پروگرام ۾ ھڪ وڪيل، ھڪ ڊاڪٽر ۽ ھڪ شاعر گڏ ويھاريا ويندا آھن ان طريقي سان ڪنھن به ھڪ موضوع تي سٺي گفتگو ٿي ئي نه سگھندي آھي ۽ پروگرام غير معياري رھندو آھي. وڌيڪ بھتر رھندو ته سڀئي مھمان ساڳئي موضوع وارا گھرايا وڃن جيئن ڪچھري ڪارائتي ٿي سگھي. اصل ڳالھ اھا آھي ته پروگرام جي ڪا ٿيم ضرور ھجڻ گھرجي ۽ پوءِ ان مطابق پروگرام ڪرڻ گھرجي. مثال توھان ٻارن جي تربيت، معاشري ۾ وڌندڙ چڙ يا شگر تي پروگرام ڪرڻ چاھيو ته ان مطابق مھمان گھرائي پروگرام ڪندو ته ھڪ بھترين، دلچسپ ۽ ڪارائتو پروگرام ٿيندو. باقي اھو سٺو طريقو ناھي ته ڪي به مھمان اچن ۽ ڪچھري ۾ ڪجھ به ڳالھائين!
جيئن ته ھي سمورا چينل سنڌي ٻوليءَ جا آھن تنھنڪري سنڌي چينلن کي پاڻ وٽ ھڪ ٻوليءَ جي ماھر کي ضرور مقرر ڪرڻ گھرجي. خاص طور تي مارننگ شوز جون ھوسٽ ڏاڍي خراب سنڌي ڳالھائينديون آھن، جنھن ۾ اردوءَ جا لفظ تمام گھڻا ھوندا آھن. تنھنڪري ھڪ اھڙو ماڻھو ضرور موجود ھجي، جيڪو سندن تصحيح ڪري سگھي. اڪثر مارننگ شوز ۾ فنڪار ته گھرايا ويندا آھن پر الائي ڇو اھي ساڳيا ئي ھوندا آھن. ڇا اھو وڌيڪ بھتر نہ رھندو ته ان ۾ نئين ٽيلنٽ کي وارو ڏنو وڃي. ان سان سنڌ کي سٺا نوان فنڪار ملي پوندا. اھا ڳالھ کڻي مڃي به وٺجي ته ٽي وي چينلن وٽ مھمانن کي ڪو معاوضو ادا ڪرڻ جيتري بجيٽ نه ھوندي پر پڪ اينڊ ڊراپ جي سھولت ته ڏئي ٿا سگھن. پر جي اھو ممڪن ناھي ته مھمان کي ڀلا ڪا سوکڙي ئي ڏئي ڇڏين، جيڪا سندس لاءِ يادگار رھي. ڪا مھانگي شيءِ ڀلي نه ڏجي پر ڪو ڪوپ، اجرڪ، پين يا ڪِي چين جنھن تي سندن ٽي وي چينل جو لوگو ئي لڳل ھجي، سو تحفي طور ڏئي ٿو سگھجي.
سڀئي ٽي وي چينل پنھنجا پروگرام يو ٽيوب تي رکندا آهن. مھمان کي فقط اھا ئي شيءِ حاصل ٿيندي آهي ته ھن جو پروگرام يوٽيوب تي سدائين لاءِ محفوظ ٿي ويندو آهي، پر يو ٽيوب تي اھي سڀئي پروگرام اڪثر مھمانن جي نالي سان نه پر تاريخن سان رکيا ويندا آهن. ھاڻي جيڪڏھن ڪنھن کي ادل سومري جو انٽرويو ڏسڻو ھجي ته ھو تاريخن سان اھو پروگرام ڪيئن ڳوليندو؟ تنھنڪري اھو تمام ضروري آھي ته پروگرامن ۾ جيڪي مھمان شامل آهن پروگرام جي ڊسڪرپشن ۾ سندن نالا لازمي طور تي لکيا وڃن، جيئن عوام انھن کي آسانيءَ سان سرچ ڪري سگھي. ان سان پروگرامن جي ويوئرشپ ۾ وڏو اضافو ٿي ويندو. اڄ ڪلھ مارننگ شوز مان ريلز، مطلب ننڍا ٽڪرا ڪڍي فيس بڪ تي رکيا ٿا وڃن، جيڪا تمام سٺي آئيڊيا آھي. ڇو ته ماڻھن وٽ ايترو وقت ناھي ھوندو، جو ٻن ڪلاڪن جو مڪمل پروگرام ڏسن پر انھن ٽڪرن ڏسڻ سان جنھن پروگرام ۾ دلچسپي پيدا ٿيندي سو سرچ ڪري به ڏسي وٺندا. ان عمل سان ويوئرشپ وڌڻ جا سٺا امڪان پيدا ٿين ٿا.
اڪثر پروگرامن ۾ ميزبانن کي وڌيڪ شان شوڪت سان ويھاريو ويندو آهي ۽ مھمان کي پاسي تي ويھاريو ويندو آهي. سيٽ کي ايئن ٺاھڻ گھرجي جو وڌيڪ اھميت مھمان کي ڏنل ھجي يا وري ٻنھي کي برابر. باقي جيڪڏھن ميزبان کي وڌيڪ اھميت ڏبي ۽ مھمان کي گھٽ ته عجيب لڳندو ۽ آخر ۾ اھو به تمام ضروري آھي ته ڊائريڪٽر، ميزبان ۽ مھمان پروگرام کان اڳ پاڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ اڌ ڪلاڪ لاءِ ملي وٺن ته جيئن پروگرام ۾ ڪھڙن موضوعن بابت ڳالھائڻو آھي اھو طئي ڪري وٺن. ھوسٽ کي مھمان بابت ھوم ورڪ ڪري اچڻ گھرجي ۽ سوال تيار ڪري اچڻ گھرجن. ڪافي ڀيرا ايئن ٿيندو آھي ته ھوسٽ کي سيٽ تي خبر پوندي آھي ته اڄ ڪھڙو مھمان آھي. جيستائين پروگرام جي رٿابندي اڳواٽ نه ڪئي ويندي، پروگرام معياري بڻجي نه سگھندو. انھن سڀني تجويزن تي سنڌي ٽي وي چينلن کي ضرور غور ڪرڻ گھرجي، جن سان سنڌي چينلن جا مارننگ شوز اڃان وڌيڪ بھتر بڻجي سگھندا.