ميھڙ (ن پ ا) 9 محرم الحرام تي يوم عاشوره جي حوالي سان شھيد ڪربلا امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثار شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻٽڙا جي مرڪزي امام بارگاه الحسيني مان سيجن، زيارتن ۽ ذوالجناح جو مرڪزي ماتمي جلوس جيڪو سالار قافلا سيد زوار قائم علي شاهه سيد ڏنل شاهه، سيد سخاوت علي شاهه، سيد معصوم علي شاهه، استاد منظور علي جوکيو ، مختيار علي جوڳي، مظفر جتوئي، زوار نويد جتوئي، عاجز عجيب الله قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ برآمد ٿيو، مرڪزي ماتمي جلوس ۾ سنڌي ٻٽڙا جي آس پاس وارن علائقن جا 12 کان وڌيڪ ننڍا وڏا جلوس پڻ شامل ٿي ويا ۽ مک ماتمي جلوس ۾ ھزارين عزادارن شرڪت ڪئي ۽ ھر طرف يا حسين عليه السلام جون صدائون بلند رھيون مرڪزي ماتمي جلوس ۾ 10 کان وڌيڪ نوحا خوان انجمن پاران نوحا خواني ڪئي ۽ جلوس پنھنجي مقرر رستن کان ٿيندو علمدار چونڪ وٽ پھتو جتي زنجيرن، چاڪن ۽ گرزن سان ماتم ڪيو ويو، جنھن ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ عزادار زخمي ٿي پيا، جن کي موقعي تي مقرر ميڊيڪل ٽيمن پاران طبي امداد ڏني وئي. مرڪزي ماتمي جلوس ۽ مجلس جي جي لاءِ پوليس پاران انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، سنڌي ٻٽڙا، راڌڻ ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس اھلڪارن کي مقرر ڪيو ويو ھو ۽ قافلي ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي تلاشي وٺي ان کي ڇڏيو ويو.