ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ سنڌي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجين خاص طور تي مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ آمريڪا جي سليڪان ويليءَ ۾ قائم معتبر اداري ”ايڪس فلو رسرچ“ سان هڪ اهم ڀائيواري ڪئي آهي. هي معاهدو انسٽيٽيوٽ جي انهن ڪوششن جو منطقي تسلسل آهي، جنھن جو مقصد سنڌي ٻوليءَ کي مصنوعي ذهانت جي مختلف شعبن ۾ شامل ڪرڻ آهي، جھڙوڪ مشيني ترجميڪاري، سنڌي آوازن جي سڃاڻپ، ۽ ٻيا مشينن جا ذهين سافٽويئر، جن جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ جا آواز لکت ۾ پاڻمرادو ايندا ۽ لکت ۾ سنڌي لکڻيون مشيني آوازن ۾ بہ پاڻمرادو ڳالهايون وينديون. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙي جو چوڻ آهي تہ “هيءَ ڀائيواري سنڌي ٻوليءَ کي نہ صرف پاڪستان ۾ پر عالمي سطح تي پڻ هڪ نئين شناخت ڏيندي. اسان جو مقصد آهي تہ سنڌي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي سھڪار سان هر گهر ۽ هر هٿ ۾ پھچايو وڃي.“ هي منصوبو سنڌي ٻوليءَ سان گڏ ثقافت ۽ ھزارين سالن تي محيط لوڪ ڏاھپ واري ورثي کي محفوظ ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. سنڌ جي ثقافت کاتي جي ريزيڊينٽ ڊائريڪٽر روشن ڪناسري چيو تہ ”پاڪستان جي ٻين صوبن جي مقابلي ۾ سنڌ صوبو پنھنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان گڏ اڳتي وڌڻ ۾ اڳڀرو آهي. هيءَ ڪاميابي نہ صرف سنڌي ٻوليءَ جي شوقينن لاءِ فخر جو مقام آهي پر ان سان سنڌ جي ثقافتي ۽ لساني ورثي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي.“