ھنڱورجا(ن پ ا) سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سگا برانچ ھنڱورجا پاران ايورگرين پبلڪ اسڪول کان نيشنل ھاءِ وي تائين جاگرتا ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ استادن شاگردن شھرين شرڪت ڪئي ڊي اي او سيڪنڊري ايجوڪيشن پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو، سگا مرڪزي اڳواڻ مور سنڌي، غلام جعفر ٽانوري، عبدالرحيم سيال، استاد سرور تنيو جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جا نعرا ھنيا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آھي ته سنڌي ٻولي دنيا جي شاھڪار ٻولي آھي ان کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ افسوس ناڪ عمل آھي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسان جي جدوجھد جاري رھندي.