مٽياري (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت شاخ مٽياريءَ پاران سنڌي ٻولي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ڪوٺايو ويو. جنھن جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل ڪئي. مھمان خاص سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي خزانچي شبير سيال ھو. اعزازي مھمانن ۾ اداس سولنگي، قاضي مقصود، فدا حسين سنجراڻي ھئا. ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي، جيڪو ھن جو بنيادي حق آھي شبير سيال چيو ته سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻولي قومي ٻولي بل بنا دير جي پاس ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي نصاب مان نيڪالي ڏيڻ واري عمل کي ننديندي، سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سنڌي سڀني نجي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي باقاعدي راىج ڪيو وڃي. ۽ انتظاميه کي پابند ڪيو وڃي ته ھو سنڌي ٻوليءَ جي مضمون کي ترجيحي بنيادن تي پنھنجن ادارن ۾ پڙھائين. ان ۾ ڪنھن به قسم جي ڪوتاھي ڪندڙ جو محاسبو ڪيو وڃي. اداس سولنگي پنھنجي تقرير ۾ چيو ته اسين سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪيترن ئي ڏھاڪن کان وٺي پنھنجو آواز مختلف ذريعن ذريعي اعليٰ اعوانن تائين پھچائي رھيا آھيون. پر مجال آھي جو انھن جي ڪن تي ڪا جون سُري،   ان کان سواءِ عبدالرزاق ميمڻ چيو ته جيڪي به نجي اسڪول سنڌي مضمون نه پڙھائين ته انھن جي رجسٽريشن منسوخ ڪري تعليمي بورڊن سان الحاق کي ختم ڪيو وڃي. محترمه مھرالنساء ملاح صاحبه چيو ته اسان کي جيتري سکيا جي سمجهـ پنھنجي ٻوليءَ ۾ ملي ٿي سا ڪنھن به ٻئي ٻوليءَ ۾ نٿي ملي سگهي. ھنن کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ۽ ان جي ضرورت تي فدا سنجراڻي، ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ، رفيق احمد سومرو، حاجي غلام حيدر، فقير بلاول خشڪ، سيد امداد علي شاھ، سيد آفتاب شاھ، امين اڏيرائي، صديق علي نوح پوٽو، شوڪت ٻاٽي، سھراب ٻاٽي، علي چوھاڻ، ديدار سائر ڀاڻوجو، سگهڙ نذير احمد ميمڻ، محمد بچل ميمڻ، حاجي سونھارو ٽڳڙ، رفيق احمد ڀنڀرو، محمد اسلم ميمڻ جن پنھنجس مقالا ۽ پنھنجيون پنھنجيون تخليقون پيش ڪيون. محمد حسن ميمڻ شاھ جي وائي ۽ ڪاروائي خيال کتريءَ ھلائي.