حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جديد ٽيڪنالاجي توڙي انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي ماهرن ۽ مختلف تعليمي ادارن جي سربراهن چيو آهي ته انٽرنيٽ پورٽل تي وڌ کان وڌ سنڌي ٻوليجي لفظن جو ذخيرو گڏ ڪيو وڃي ته جيئن مصنوعي ذهانت ۾ سنڌي ٻولي جي واهپي کي ممڪن بڻائي سگهجي. سنڌي ٻولي کي ترقي ڏيارڻ ۽ ان جي حيثيت مڃرائڻ لاءِ سڀني ڌرين کي ٽاسڪ فورس جيان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظھار انهن سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ”مصنوعي ذھانت، ٽيڪنالاجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو“ جي موضوع هيٺ ٿيل قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اها قومي ڪانفرنس سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿي. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طلحه حسين علي چيو ته مصنوعي ذهانت روبوٽ کان وڏي ٽيڪنالاجي آهي ۽ اسان ان سوچ تائين به پھچي ناهيون سگهيا. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي شاباس هجي جنھن ان موضوع تي ڪانفرنس ڪري هڪ نئين بحث جي شروعات ڪئي آهي. ٻوليءَ بابت اسان کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. نوجوان اسان جو مستقبل ۽ دماغ آهن. اڄ جو نوجوان استاد کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو ڇاڪاڻ ته استاد جو ڪم سيکارڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ آهي پر اڄ جي دور ۾ سکيا ۽ رهنمائي لاءِ ٻيا به تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته سنڌي ٻولي کي مصنوعي ذهانت سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ ٻولي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏيل طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاھ چيو ته تعليمي ادارن جو بنيادي ڪردار آهي ته اهي مصنوعي ذھانت توڙي جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪن. اڄ جو نوجوان سڀ کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو. کيس وڌيڪ موقعن ۽ ماحول جي ضرورت آهي. جديد دور سان مقابلي لاءِ يونيورسٽيون نوجوانن کي موقعا فراهم ڪن ۽ اهي ئي اهڙا فورم آهن جن ذريعي ٽيڪنالاجي جو ڀرپور مقابلو ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته ظاهري طور تي سنڌي ٻوليءَ کي ڪو خطرو نه آهي ۽ ئي ان کي ڪا مزاحمت سامھون نظر اچي ٿي پر جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ڪٿي هوندي ۽ ان لاءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون ان حوالي سان گڏ ٿي سوچڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اڄ کان ان اهم منزل طرف نئين شروعات ڪري سگهون. هن چيو ته عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو سوچيو آهي. ايئن مختلف يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جا شعبا آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان پروجيڪٽ جوڙين. سندن ادارو انھن سان هر قسم جو سھڪار ڪندو ته جيئن جديد دور ۾ ٻوليءَ جي چيلينجن کي گڏيل طور منھن ڏئي سگهجي. هن چيو ته آرٽيفشل انٽيليجنس جي ذريعي مري ويل يا ختم ٿيندڙ ٻولين کي بچائڻ توڙي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي. اسان کي به پنھنجي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجي ۾ گهربل حيثيت ڏيارڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙي چيو ته اڄ دنيا مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي وئي آهي جتي هر شئي وڪامي ٿي. اهڙي وقت ۾ سنڌي ماڻھو وٽ ان گلوبل مارڪيٽ ۾ کپائڻ لاءِ ڪهڙو وکر موجود آهي؟ هن چيو ته اسان وٽ موهن جي دڙي جي دور جو انڊس اسڪرپٽ، لوڪ ڏاهپ ۽ شاھ جي رسالي جي صورت ۾ لفظن جو تمام وڏو ذخيرو موجود آهي. ان ذخيري جو ڊيٽابيس ٺاهڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ايندڙ سالن ۾ ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جا نج لفظ هوندا اهي نج ٽيڪنالاجي جا لفظ اسان کي ئي ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن ان تي ڪم نه ٿيو ته اها وڏي غلطي هوندي. سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل کنڀاٽي چيو ته ٽيڪنالاجي هميشه مسئلن جو حل ڪڍي ڏنو آهي ۽ اهو مصنوعي ذھانت جي ذريعي ممڪن بڻايو وڃي ٿو. اهو سلسلو 1950ع کان موجود آهي پر وقت سان گڏ ان ۾ جدتون آيون آهن. هن چيو ته اهڙين ڪانفرنسن سان سنڌ ۾ جديد ٽيڪنالاجي بابت نئين ڪم جو بنياد پيو آهي. ان ڏس ۾ سڀني کي گڏ ڪم ڪرڻو پوندو. سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اظھر شاھ چيو ته ڪمپيوٽر انسان وانگر سوچي ۽ ان تي عمل ڪري گهڻن ڪمن ۾ انسانن جو متبادل بڻجي ويو آهي. 1956ع کان روبوٽ جي شروعات ٿي ۽ هاڻ فٽبال راند لاءِ روبوٽ ٺاهيو پيو وڃي يعني روبوٽ مڪمل انسان بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته جديد دور ۽ مصنوعي ذھانت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جاءِ ڏيارڻ لاءِ سمورا ادارا گڏجي ٽاسڪ فورس ٺاهي ڪم کي ورهائي کڻن. ڪو به ڪم ڏکيو يا ناممڪن نه هوندو آهي. موهن جي دڙي جي ٻوليءَ 3200 قبل مسيح کان 1300 قبل مسيح جي دور جي آهي. ان اسڪرپٽ کي مصنوعي ذھانت ذريعي پڙهي، بچائي ۽ وڌائي سگهجي ٿو. قومي ڪانفرنس جي ٻئي ۽ ٽيئن ويھڪ ۾ آءِ ٽي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن جي ماهرن ۽ اسڪالرن ڊاڪٽر احسان احمد عرساڻي، ڊاڪٽر اظھر علي شاھ، محمد يعقوب ڪونڌر، اقصيٰ کوسو، ڊاڪٽر سڪينه شاھ راشدي، مقصوده خاتون، حسنين محبوب، ذوالفقار علي مھر، ڊاڪٽر اياز ڪيريو، امر فياض ٻرڙو، ڊاڪٽر مظھر علي، ڊاڪٽر مطيح الرحمان، ڊاڪٽر محمد نواز تنيو، ڊاڪٽر وحيد ڪلوڙ ۽ ڊاڪٽر رفيق احمد ڀٽي مصنوعي ذھانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي بابت پنھنجا مقالا پيش ڪيا ۽ تجويزون ڏنيون. قومي ڪانفرنس جي پڄاڻي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ان کي جديد دنيا سان ڳنڍڻ ۽ جُوڙڻ نهايت ضروري آهي. هن چيو ته هٿرادو ڏاهپ جي دور ۾ مشيني ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺندي سنڌي ٻوليءَ کي وڌائڻ ۽ ان جي گهڻ رخي اڀياس جي سلسلي ۾ اٿارٽي جي ڪوٺايل ڪانفرنس پهرين ڪوشش آهي جنهن مان کوڙ سارا نتيجا حاصل ٿيا آهن. انهن نتيجن جي بنياد تي اڳتي ڪم ڪري سگهبو. قومي ڪانفرنس دوران، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڇپيل ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ، مير محمد سولنگي جي ترجمو ٿيل ڪتاب سنڌ لينڊ روينيو ائڪٽ 1967ع،  مصور حسين جي ڪتاب اصطلاحن جي لغت، سنڌي ٻوليءَ جرنل ۽ سنڌي ٻوليءَ خبرنامي جو مھورت ڪئي وئي.