باڊھه(ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊھه پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ خلاف سيڪريٽري اقبال کوکر، زاهد منگي، علي رضا نوناري، اڪبر آزاد هيسباڻي، سارنگ امر جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي کان ٽائون هال تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن مير مرتضيٰ گوپانگ، وحيد علي ڪانڌڙو، خالد خاموش، ابرار حسين نوناري، قربان علي قرب، ذوالفقار ڪانڌڙو، غلام محمد ڀٽي، فرحان ڀٽي، منور نوناري، ديدار سومرو، آصف عباسي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي شاهوڪار ۽ قديم ٻولي آهي، جنهن کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ جا ماڻهو لڳاتار احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪمران ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.