سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ تقريب، يونيورسٽيون، اڪيڊيمز سنڌي ۾ تحقيق ڪن: مقرر

0
23
سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ تقريب، يونيورسٽيون، اڪيڊيمز سنڌي ۾ تحقيق ڪن: مقرر
سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ تقريب، يونيورسٽيون، اڪيڊيمز سنڌي ۾ تحقيق ڪن: مقرر

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ” سنڌي ٻوليءَ قومي ٻوليءَ جاڳرتا مهم سرگرميون ۽ حاصلات جي عنوان هيٺ هڪ مهيني جي جاڳرتا مهم جي اختتامي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب جي صدارت ڪندي ناليواري دانشور جامي چانڊيي چيو  ته جڏھن ادارن جي زوال جون خبرون هجن ان وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان گهڻ طرفي شاندار مهم هلائي جنهن لاءِ اداري سان گڏ سمورين ڌرين کي مبارڪ ۽ جس هجي، هن مهم سان  نه فقط رياست ۽ حڪومتن اڳيان پنهنجو مطالبو رکيو پر سنڌي سماج ۾ عام ماڻهن ۾ به احساس پيدا ڪيو.هن چيو ته سنڌ جي ويجهي ماضي ۾ هي شاندار مهم هلي جيڪا سموري سنڌ ۽ اسلام آباد کان سواءِ پرڏيھه ۾ رهندڙ سنڌي به هن جاڳرتا مھم جو حصو بڻيا. ھن چيو  ته صرف فقط ڳالھائڻ سان ڪا به ٻولي نه بچندي جنھن ٻولي ۾ علم تخليق ٿيندو اھا ئي ٻولي بچندي، سنڌي ٻوليءَ کي واهپو، علم ۽ تفڪر بچائيندا، ان ڪري اڪيڊمين ۽ يونيورسٽين کي سنڌي ۾ علم تخليق ڪرڻ گهرجي باقي جديد ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙ ادارن ۽ نوجوانن شامل ڪري ڇڏيو آهي اها اسان جي خوشنصيبي آهي. رياست ۽ حڪومت جي قبوليت لاءِ پنڌ پري آهي پر پاڻ کي تحرڪ تيز ڪرڻي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو سنڌ ۾ 2 لک استاد آهن اهي چاهن ته سماج بدلائي سگهن ٿا، استاد ٻوليءَ جا محافظ ۽ وينجھار آهن، ٻار کي پرائمري جي تعليم مڪمل مادري ٻولي ۾ ڏني وڃي  ته اهو ٻيون ٻوليون به آساني سان سکي سگهي ٿو هن  چيو  ته اسان سڀني جي خواهش آهي  ته اسان جي ٻوليءَ کي اها حيثيت حاصل ٿئي جيڪو ان جو حق آهي ۽ پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ملندو آهي اهو اسان جو ايمان آهي پر اها خواهش مري  نه وڃي،ان ڪري مهم هلائي اسان کي خوشي آهي تہ مهم ذريعي ماڻهن کي احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته  هن جاڳرتا سان سماج ۾ ٻولي لاء احساس وڌيو ڇو  ته هن سرمائيداري دور ۾ ٻوليءَ طرف ڪنهن جي سوچ ناهي. هن چيو  ته سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي واهپي لاءِ خط ملڻ کان پوءِ يونيورسٽي ۾ ايم فل ۽ پي ايچ ڊي ٿيسز جو تت سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي، مختلف شعبن ۾ بورڊ سنڌي ۾ لڳايا آهن تازو عمرڪوٽ ڪئمپس ۾ شاھ لطيف تي ۽ يونيورسٽي ۾ سراج تي شاندار پروگرام ٿيا تقريب کي خطاب ڪندي سگا جي وائيس چيئرمين خالد چنا چيو ته سنڌي ٻوليءَ قومي ٻوليءَ جاڳرتا مهم شاندار نموني سان پنهنجو پيغام پهچايو آهي، هن مهم ۾ سگا پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪيو آهي سگا جي آئين ۾ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ جو واضع لکيل آهي، هن مهم کان سواءِ سگا جي روشن تارا اسڪولن ۾ مڪمل سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، ڪراچي ۾ سنڌي ٻار سنڌي مضمون نٿو کڻي پر ڪراچي جي روشن تارا اسڪولن ۾ ٻار سنڌي پڙهن ٿا، روشن تارا اسڪولن ۾ شاھه لطيف پڙهايو وڃي ٿو ۽ ان تي مارڪون رکيل آهن. هن چيو  ته ٻوليءَ کي سياسي معاملو بڻايو ويو آهي جيڪو سياسي ناهي، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسان کي دٻاءُ وجهڻ سان گڏ پنهنجي تعليم ۾  شامل ڪرڻي پوندي. ” سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي چيو ته  هن مهم ۾  بنيادي ڪردار سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو آهي، پر اسان پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي سموري سنڌ جي هر ضلعي ۾ سرگرميون ڪيون هي اسان سڀني جي ذميواري آهي جيڪا هر وقت ۽ هر فورم تي نڀائڻ لاءِ گڏ آهيون. هن چيو ته سڀ ٻوليون ٻاجهاريون آهن پر ڪا  به تخليق پڙهڻ جو مزو پنهنجي ٻولي ۾ آهي، اهو ڪنهن ٻولي ۾ نٿو اچي، سنڌي ۾ ڏني ويندڙ بدعا ۾ اخلاقي ٻول هوندا آهن، اها اسان جي ٻوليءَ وحسناڪي آهي. ” ناليواري تعليمدان ڊاڪٽر تهمينا مفتي چيو ته هن اداري جاڳرتا مهم ذريعي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇليو آهي، جنهن سان تحرڪ پيدا ٿيو آهي سماج ۾ ٻوليءَ لاءِ احساس وڌيو آهي، سنڌي ٻوليءَ ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش چيو  ته اداري جي قيام جو بنيادي مقصد ئي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ ان جي ترقي آهي، ادارو شروع کان پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، 2022ع کانپوءِ اهو طئي ٿيو  ته روايتي سرگرمين کان نڪري عام سطح تي وڃي ٻوليءَ جو احساس پيدا ڪجي، ٻوليءَ جي اهميت جو پيغام پهچائجي ان مقصد هيٺ جاڳرتا مهم جو سلسلو شروع ڪيو. ان موقعي تي ادري جي سب ايڊيٽر شوڪت چاچڙ جاڳرتا مهم دوران ٿيندڙ سرگرمين جو تفصيل ٻڌايو. تقريب دوران مختلف سرگرمين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڪندڙن کي انعام پڻ ڏنا ويا، محمد خان ڪانگو ۽ جاويد مهر کي شارٽ ڊاڪيومنٽري ٺاهڻ تي انعام ڏنو ويو.