سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ جوڳا قدم کڻن گھرجن، روڊن تي نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ۽ ھاء وي کاتي پاران لڳايل ڪلوميٽر بورڊ ،شھرن جا نالا، سرڪاري آفيسن جا بورڊ، ڪورٽن جا بورڊ، بينڪن جا بورڊ، سنڌ جي ماڳ مڪانن تي لڳل بورڊ، پريس ڪلبن تي، ريلوي اسٽيشنن تي نالا، ڳوٺن ۽ شھرن ۾ دڪانن، ھوٽلن، بازارن ۾ لڳل بورڊ به ته سنڌي ۾ لکرايو
رڳو ھر کاتي جي سيڪريٽري، ھر ڊويزن جي ڪمشنر ۽ ھر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي سرڪار طرفان اھڙو حڪم نامو جاري ٿئي ته اھو بلڪل ممڪن ٿي سگھي ٿو،
پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل (3) 251 ان ڏس ۾ سنڌ صوبي کي اختيار ڏي ٿو ته سنڌي ٻولي جي سکيا، فروغ ۽ استعمال لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گھرجن.
سنڌ جا سڄاڻ ۽ ڏاھا، ليکڪ، اديب، سماجي ورڪر، صحافي، سنڌ جون غير سرڪاري تنظيمون، سڀ ادارا، جيڪڏھن ان ڏس ۾ جوڳا قدم کڻن ته اھو ترت ممڪن ٿي سگھي ٿو.(فيس بوڪ وال تان ورتل)