حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ٻن ڏينھن وارو “ٻارن لاءِ شاهه لطيف جو ميلو” پڄاڻي تي پهتو. ميلي جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو آهي ته لطيف هر فرد جي احساسن جو شاعر آهي ان ڪري سندس شاعري کي ٻارن سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اختتامي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته شاھ لطيف سموري سنڌ جو شاعر آهي. هن هر فرد جي هر احساس کي پنھنجي شاعري ۾ پيش ڪيو آهي. لطيف ٻار لاءِ به جذبا ۽ احساس رکي ٿو. شاهه لطيف کي نئين نسل سان ملائڻ لاءِ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري وڏو ڪم ڪيو آهي. سندن يونيورسٽي ۾ به هيريٽيج ميوزيم جوڙيو پيو وڃي ته جيئن نوجوان نسل پنھنجي تاريخ، تھذيب ۽ ثقافت سان ويجهو ٿي سگهي. تقريب کي خاص مھمان طور خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو ته ٻار ڪاوڙ کان آزاد هوندا آهن. ٻارن کي بي سمجهه سڏيو وڃي ٿو جڏهن ته اسان نفرت ۽ ڪاوڙ کي پالي به سمجھدار آهيون. هن چيو ته اسان ڪپڙي جي قيمت کي ڏسندا آهيون جڏهن ته ٻار ڪپڙي جو رنگ ڏسي ٿو ان ڪري ٻار وڏن کان وڌيڪ سمجھدار آهن. جيڪڏهن ٻار حڪمران هجن ها ته دنيا ۾ جنگيون ئي نه لڳن ها. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته ميلي جي ٻن ڏينھن ۾ هن ذاتي طور تي گهڻو ڪجھ سکيو آهي. مون وڏن کي ميلا ڦٽائيندي ڏٺو پر ٻارن کي ميلو مچائيندي ڏٺو آهي. ٻارن کي ڏسي مايوسي ختم ڪري ڇڏجي ڇو ته ٻار لطيف به سمجهي ٿو ۽ ٻولي کي به ڄاڻي ٿو. ناليواري شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چيو ته دنيا سان مقابلو ڪرڻو آهي ته لطيف کي پڙهڻو پوندو. لطيف هر گس تي اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. هن چيو ته ميلو سجائي ٻوليءَ اختياري وڏو ڪم ڪيو آهي. ناليواري شاعر ادل سومري چيو ته خانگي اسڪولن سنڌي پڙهائڻ ڇڏي ڏني آهي ته ڇا اسان پنھنجي ٻارن کي سنڌي نه پڙهايون؟ هن چيو ته هر گهر ۾ شاھ جو رسالو هجڻ گهرجي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي استاد ۽ محقق ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو ته ٻارن جي اندر ۾ لطيف کي ڏسي اهو يقين ٿي ويو آهي ته لطيف محفوظ هٿن ۾ آهي ۽ ٻولي به سلامت رهڻي آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ هن قسم جي تاريخ نٿي ملي. اٿارٽي کي هي پروگرام سالياني ڪئلينڊر ۾ شامل ڪري ڇڏڻ گهرجي. نامياري تعليمدان ڊاڪٽر تھمينه مفتي چيو ته شاھ لطيف جي ڪلام جي اهميت صدين کان وٺي برقرار آهي ۽ صدين تائين برقرار رهندي ڇو ته ڀٽائي ئي اسان جو رهبر ۽ رهنما آهي. شاعره ڊاڪٽر رخسانه پريت چيو ته اسان پرائمري کان سيڪندري تائين لطيف نه پڙهي سگهياسين. اڄ جي حالتن مطابق استاد تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهو ٻار کي لطيف پڙهائي ڇو ته لطيف وٽ ٻولي ۽ وطن جي محبت جو پيغام آهي. پروفيسر مختيار سمي چيو ته ميلو ڏسي خوشي جي انتھا نٿي رهي. هي پھريون موقعو آهي جو ٻارن کي لطيف سان ملايو ويو آهي. ان موقعي تي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش ميلي جي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو ته سنڌ جي هر علائقي مان ميلي ۾ نمائندگي ٿي آهي. هن ميلي ۾ سنڌ جي صلاحيت سان گڏ اميد به نظر آئي ته اسان جو ٻار لطيف کي ڄاڻي ٿو. ميلي جي پڄاڻي واري تقريب ۾ رکيل ”ٻالڪ سُر منڊل“ ۾ موسيقي جو به مقابلو ٿيو.