سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي درپيش خطرا

0
62
سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي درپيش خطرا

اڄ سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. اڄوڪي ڏينھن تي سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جي اھميت اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن. سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتون، سرائيڪي، بلتي، براھوي سميت 9 مادري ٻولين کي سرڪاري ٻولين جو رتبو نه ڏيندڙ اسانجي ملڪ ۾ پڻ مادري ٻولين جو اھو عالمي ڏينھن سرڪاري توڙي غير سرڪاري طور تي ملھايو پيو وڃي. مادري ٻولين جي اھميت اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام منعقد ٿي رھيا آھن، ريليون ڪڍيون پيون وڃن، سيمينار ٿي رھيا آھن. پنج – ست ستارا ھوٽلن جي عاليشان ھالن ۾ پروگرام منعقد ڪري لفاظيءَ جا واھڙ وھايا ويندا. 1952ع ۾ بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ جي شاندار جدوجھد ۽ قربانين جي ياد ۾ 25 سال اڳ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو طرفان 21 فيبروري کي مادري ٻولين جو عالمي ڏھاڙو قرار ڏنو ويو ھو.

                 دنيا ۾ مادري ٻولين جي ايتري اھميت آھي جو انھن جي ترقي کي بنيادي انساني حقن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. انھن جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. اسانجو ملڪ توڙي جو گهڻ قوميائي ملڪ آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھتي مادري ٻولين کي نظرانداز ڪيو ويو آھي. انھن کي سندن جائز ۽ عالمي طور تي تسليم ٿيل اھميت نٿي ڏني وڃي. هتي سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتون، براھوي، بلتي ۽ سرائيڪي سميت 9 ٻولين کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن. ھن ملڪ ۾ توڙي جو “پنجابي” اڻ اعلانيل طور تي “حاڪمن” جي ٻولي آھي، پر ان کي به رڳو انڪري سرڪاري ٻولي قرار نٿو ڏنو وڃي ته ائين ڪرڻ سان اھو حق ملڪ جي ٻين ٻولين کي به ڏيڻو پوندو. توڙي جو ھن ملڪ جي مادري ٻولين کي سرڪاري ٻولين جو رتبو ڏيڻ لاءِ مختلف وقتن تي ڪوششون ٿينديون رھيون آھن پر ھر ان تحرڪ ۾ رڪاوٽون ۽ رنڊڪون وڌيون وڃن ٿيون، پوءِ ڀلي مرڪز ۾ ڪنھن جي حڪومت هجي. جڏھن 18ھين آئيني ترميم تي ڪم ٿي رھيو ھو ۽ رضا رباني ان ٽيم جي انجڻ بڻيل ھو، مرڪز ۾ به پ پ پ جي حڪومت ھئي، صدر مملڪت وارو اھم منصب به پيپلز پارٽي وٽ ھو ته مادري ٻولين کي اھو جائز حق ملڻ ممڪن ھو، پر ائين نه ڪيو ويو. ملڪ جي مٿئين ايوان ۾ سينيٽر ڪريم خواجا سنڌي، بلوچي، پنجابي، سرائيڪي، پشتون، براھوي ۽ بلتي ٻولين سميت 9 ٻولين جا نالا آئين ۾ شامل ڪرڻ ۽ ٻولين جي ترقي واري عمل کي بنيادي حقن ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 28 ۾ ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو، جيڪو اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو. توڙي جو ان وقت سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت ھئي ۽ پ پ پ جيڪڏھن ان حوالي سان سنجيدگي جو مظاھرو ڪري ھا، ڪجھه لابنگ ٿئي ھا ته اھو ترميمي بل سينيٽ مان منظور ٿي وڃي ھا ۽ مادري ٻولين کي انھن جو جائز حق ڏيارڻ وارو ڪريڊٽ به پيپلز پارٽي کي وڃي ھا، پر ائين نه ڪيو ويو. جيئن ته آئون اھا ڳالهه اڳ ۾ چئي آيو آھيان ته مرڪز ۾ کڻي ڪنھن جي به حڪومت ھجي، صوبن جي حوالي سان روش ۽ رويو ساڳيو ئي تعصباڻو رھندو آھي. ھن ملڪ جي حڪمران ٽولن کي اھا ڳالھه سمجهڻ گهرجي ته وفاق جي استحڪام لاءِ وحدتن جو مطمئن ھجڻ ضروري آھي ۽ وحدتن کي ناڪيلي وجهي نٿو ھلائي سگهجي. سرائيڪي ٻوليءَ جي حوالي سان سرائيڪي وسيب ۾ اڳ ئي جدوجھد جاري آھي. ان حوالي سان اتي گهڻي سجاڳي آهي، سرائيڪي عوامي تريمت تحريڪ سميت ڪيتريون ئي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. ھاڻي ته پنجاب ۾ پنجابي ٻوليءَ لاءِ به ڪن ڌرين تحرڪ ورتو آھي، جنھن جو اندازو ڪجھه ھفتا اڳ لاھور ۾ منعقد ٿيل “ڪانفرنس” ۾ منظور ٿيل ٺھرائن مان ٿئي ٿو، جنھن ۾ اھا گهر ڪئي وئي ته پنجابي ٻوليءَ کي پرائمري سطح تائين رائج ڪيو وڃي، اردو بورڊ ختم ڪري پنجابي بورڊ جوڙيو وڃي، پنجاب ۾ صرف پنجابي ٻولي پڙھائي وڃي.

ھن ملڪ جي حڪمران ٽولن کي آخر اھا ڳالھه سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي ته ھن ملڪ جي ٽُٽڻ جا بنياد تڏھن ئي رکجي چڪا ھئا، جڏھن ٻولين کي ملڪ ٺھڻ شرط، انھن جا حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. بنگالين ته وري به شاندار جدوجھد ۽ قربانين ذريعي 1952ع ۾ بنگالي ٻوليءَ کي اردوءَ سان گڏ پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏياري ورتو پر ٻيون ٻوليون ان حق کان محروم رھيون. مطلب ته ٻوليءَ جي جائز حق کان انڪار ئي ھن ملڪ جي ٽُٽڻ جي سببن مان اھم سبب ھو، پر حيرت اھا آھي ته ھن ملڪ جا حڪمران ٽولا ان مان سبق سکڻ لاءِ تيار ناھن ۽ اھا روش اڃا تائين برقرار آھي.

ھتي اھا ڳالهه انتھائي افسوس سان ٿي چئجي ته مرڪز ته پنھنجي جاءِ تي، سنڌ جا حڪمران به سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ تحفظ لاءِ ڪو ڳڻپ جوڳو ڪم ڪري نه سگهيا آھن. سنڌ مان سنڌي ٻولي ختم ٿيندي وڃي. اسان جا علمي، ادبي ۽ لساني (سرڪاري توڙي غير سرڪاري) ادارا اُٺ پکيءَ وانگر وارِيءَ ۾ مٿو لڪائي ويھي رھيا آھن. وزير وڙا ۽ ڪامورا ڪڙا پنھنجي اولاد کي خانگي اسڪولن ۾ پڙھائڻ تي ترجيح ڏين ٿا. خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مضمون نٿو پڙھايو وڃي ۽ رڪارڊ جو پورائو ڪرڻ لاءِ صرف خانا پُري ٿئي ٿي. ڳالھه صرف مٿئين طبقي جي ناھي، ھاڻي ته وچولو طبقو، ايتري قدر جو غريب غربي ۾ به پنھنجي اولاد کي خانگي اسڪولن ۾ پڙھائڻ جو رجحان وڌندو وڃي. ننڍن شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ به خانگي اسڪول کنڀين وانگر ڦٽي پيا آھن. تعليم جو سرڪاري شعبو منظم رٿابندي سان تباھه ڪيو ويو آھي. خانگي تعليمي شعبي کي منافعي جا موقعا ميسر ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجھه ڪيو پيو وڃي. الميو اھو آھي ته ھڪ طرف خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون نٿو پڙھايو وڃي. مائٽن کي چيو وڃي ٿو ته ٻارن سان گهر ۾ صرف انگريزي يا وڌ ۾ وڌ اردوءَ ۾ ڳالھايو وڃي ۽ ٽئين ڪنھن به ٻوليءَ ۾ نه ڳالھايو وڃي، ڇو ته ان سان ٻارڙن جي ٻوليءَ تي اثر پوندو. لساني ڪمتريءَ واري احساس ۾ مبتلا اسانجا سنڌي ماڻھو سنڌي ٻوليءَ کي ھاڃيڪار دوائن وانگر ٻارڙن جي پھچ کان پري رکندا آھن. جڏھن ٻار اسڪول ۾ به سنڌي نه پڙھندو، گهر ۾ به ان سان سنڌيءَ ۾ نه ڳالھايو ويندو ته پوءِ سوچڻ جي ڳالھه اھا آھي ته اھو ٻار جڏھن وھيءَ چڙھندو ته ان کي سنڌي ٻولي نه پڙهڻ ايندي ۽ نه ئي ڳالهائڻ ايندي. سنڌ حڪومت طرفان وقت بوقت اھي اعلان ڪيا ويندا آھن ته سنڌي مضمون نه پڙھائيندڙ خانگي اسڪولن جا لائسنس رد ڪيا ويندا پر ڇا سنڌ سرڪار اھو ٻڌائڻ جي ضرورت محسوس ڪندي ته ھيستائين ڪيترن وڏن خانگي اسڪولن جا لائسنس رد ڪيا ويا آھن؟ مطلب ته سنڌ حڪومت به سنڌي ٻوليءَ جي جياپي ۽ تحفظ لاءِ بيانن کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناھي. الا ائين مَ ھوءِ… پر جيڪڏھن اھڙي روش جي ڪري سنڌي ٻولي سنڌ مان ئي ختم ٿي وڃي ته ڪهڙو ادب سرجندو ۽ ثقافت جي ڪھڙي اوسر ٿيندي؟

سنڌ ۾ ڪيترائي سرڪاري، علمي ۽ ادبي توڙي ٻوليءَ جا ادارا ڪم ڪري رھيا آھن، پر سوال اھو آھي ته اھي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪري سگهيا آھن؟ ڇا صرف اسڪولن، پنھنجن گهرن، روڊن ۽ پارڪن وغيره تي سنڌيءَ ۾ نالا لکڻ سان سنڌي ٻوليءَ جي وجود تي خطرن جي لٽڪيل تلوار ھٽي ويندي؟ اصل ڳالھه آھي نئين نسل کان سنڌي ٻوليءَ کي پري رکڻ جي سازش خلاف جھاد ڪرڻ. اھو تڏھن ممڪن ٿي سگهندو، جڏھن خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تدريس لازمي قرار ڏني ويندي ۽ ان تي حقيقي نموني عمل ڪرايو ويندو. سرڪاري اسڪولن جو تعليمي معيار بھتر ڪيو ويندو ته جيئن ماڻھو لساني ڪمتريءَ واري احساس مان نڪري ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھائين. خانگي اسڪولن جي لائسنس جو طريقيڪار سخت بڻايو وڃي ۽ لائسنس کي سنڌي ٻوليءَ جي مضمون جي تدريس سان مشروط ڪيو وڃي ۽ ان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. ھن ملڪ توڙي سنڌ جي حڪمرانن کان ته غاصب انگريزن جو سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ان کي سرڪاري ٻوليءَ طور رائج ڪرڻ لاءِ ادا ڪيل ڪردار بھتر ھو، جن نه رڳو سنڌي جي ٻولي جي الفابيٽ ٺھرائي، پر پوڻا ٻه سئو سال اڳ سر بارٽل فريئر ھڪ حڪم نامي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي قرار ڏئي عمل ڪرايو ۽ ان حڪم نامي تي عمل پاڪستان قائم ٿيڻ تائين جاري رھيو.