نئون ڪوٽ (رپورٽر) 14 مارچ دريائن جي عالمي ڏينھن تي سڄي سنڌ ۾ دادلي سنڌو درياء کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء مظاھرا ڪيا ويندا سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ڪري ننڍو آبادگار ۽ ھاري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آھي اھڙو اظهار سنڌي ھاري تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي اڳوڻ ڪامريڊ شگن ڪولھي هاري تحريڪ جي اجلاس ۾خطاب ڪندي ڪيوهن چيو ته ميرپورخاص ضلعي ۾ ھٿرادو پاڻي جي کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته ھڪ پاسي پنجاب جو حڪمران ٽولو پاڻي تي ڌاڙا پيو ھڻي ته ٻي پاسي ايندڙ پاڻي جي لپ اريگيشن جي ڪرپٽ ڪامورن وڪڻي ڇڏيو آھي جنھن ڪري پڇڙين ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي پيو آھي جنھن سان ننڍو آبادگار ۽ ھاري سخت متاثر ٿيو آھي اجلاس ۾ زرعي جنسن جي ڪرندڙ اگھ تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي سرڪار کان آبادگارن ۽ ھارين کي زرعي جنسن جا مناسب اگهه ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو سنڌو مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي سنڌ کي بنجر ٺاھڻ جو منصوبو قرار ڏيندي ان کي فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويواجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ت 14 مارچ تي دريائن جي عالمي ڏينھن تي سنڌو درياء مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌو کي ڀيٽا پيش ڪري احٿجاج ڪيو ويندواجلاس ۾ نور محمد خاصخيلي رحيم ڪلوئي محبوب ننداڻي پروانو ڪپري راءيچند ڪولھي ڀٽو نوحاڻي خير محمد چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي