سانگھڙ (رپورٽر) قوم جي خدمت ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪنهن تي به تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي پاڻ جو خود تنقيدي جائزو وٺو ڇاڪاڻ ته سماج ۾ تڏهن ئي ڪا بهتر تبديلي ايندي جڏهن فرد باڪردار، بااصول ۽ باعمل هوندا. اهڙو اظهار ناليواري دانشور ۽ ليکڪ ڊاڪٽر مير عالم مري پنهنجي ڳوٺ ڀٽ ڀائٽي ۾ مختلف دوستن ۽ صحافين جي مان ۾ ڏنل عيد ملن پارٽي دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڏ جي نوجوانن ۾ اخلاقي ۽ شعوري تربيت جي وڏي کوٽ آهي. ان لاءِ سنڌ جي علمي ادبي شخصيتن ۽ ادارن کي خاص ڪردار ادا ڪرڻ کپي. آئون جلد ئي اهڙن ليڪچرز جي شروعات فيسبڪ ذريعي ڪندس. ان موقعي تي ڊاڪٽر صاحب بين القوامي، ملڪي ۽ سنڌ جي صورتحال بابت دوستن جي سوالن جا تفصيلي جواب پڻ ڏنا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون گذريل وڏي عرصي کان ڳوٺ ۾ ئي هوندو آهيان. جيڪو به دوست ملڻ يا ڳالهائڻ چاهيندو آهي ان سان ملندو آهيان ۽ حال سارو خدمت به ڪندو آهيان. هن چيو ته منهنجو گھڻو وقت لکڻ، پڙهڻ ۽ غور ويچار ۾ ئي گذري ٿو. ڪچهري ۾ شهيد سورهيه بادشاهه ايڪشن ڪاميٽي سنڌ جو ڪنوينيئر عاجز منگي، عبدالله سومرو، خيرل پهوڙ، راڻو رابيل، بلاول راڄڙ، اقرار شر، مير حسن پيراڻي، عبدالنبي بڙدي، آصف ککرائي ۽ ٻيا موجود هئا.